پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 22 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته خارجي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ٽينڪ جي علائقي گل امام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 خارجي مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ٻئي آپريشن ۾ 10 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز هنگو ۾ خوارج پاران چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، حملي ۾ 3 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب خوارجن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 جوان شهيد ٿي ويا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف خارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورس کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي،