اسلام آباد(م ڊ) ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته عمران خان جو فوج سان ڪوبه جهيڙو ناهي، انا جو مسئلو آهي، معاملو صرف شخصيت جو آهي، آرمي چيف ۽ عمران خان ۾ جهيڙو عمران خان جي اڳيان پٺيان ڊوڙندڙ ميراسي ڪرائي رهيا آهن، پ پ وارن مون کي چيو ته توهان عمران خان سان ملاقات ڪري کيس ڳالهين تي راضي ڪيو، مون کي اڊيالا جيل وڃي عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ۾ ڪو به هرج ناهي، مون کي خبر ناهي ته عمران خان سان رابطا ڪير پيو ڪرائي، بشريٰ بي بي ڪڏهن به سياست نه ڪئي آهي، سندس مڙس جيل ۾ آهي، اها سمجهي ٿي ته عمران خان جي اڳيان پٺيان گهمندڙ ماڻهو جاسوس آهن، مون پي ٽي آءِ وارن کي ڊي چوڪ تي وڃڻ کان روڪيو هو ۽ چيو هو توهان ماڻهو مارئيندو، هن چيو ته اسان جون اسيمبليون اهڙيون حرڪتون ڪن ٿيون جو عوام جو اسيمبلين تان اعتماد کڄي ويو آهي، هنن حڪمران جي ڪهڙي حيثيت آهي، ڇا هي پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪري سگهن ٿا؟ انڪري عمران خان طاقتورن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، عمران خان چاهي ٿو ته اليڪشن ڪڏهن به ٿئي اها شفاف ٿيڻ گهرجي.