اسلام آباد (عمران وسيم) عمران خان جي سول نافرماني واري ڌمڪي تي پي ٽي آءِ قيادت ۾ ڏار پئجي ويا آهن. بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته جنهن سول نافرماني جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان جي خبر اسان کي تڏهن پئي جڏهن ايڪس تي ان جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته اهو اعلان عمل جوڳو ناهي. پارٽي ۾ ان تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. اعتراض اهي ڪيا پيا وڃن ته اهو ڪارڊ عمران خان اجايو کيڏيو آهي ۽ مشاورت سان ائين ڪري ها ته کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو وڃي ها. پارٽي قيادت موجب سول نافرماني واري صلاح ڏيندڙ پارٽي جو ۽ عمران خان جو خيرخواهه ناهي پر دشمن آهي. هاڻي اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته سول نافرماني واري سڏ تي عمران خان سان ڳالهائي کيس راضي ڪري سگهجي ته سول نافرماني طرف ناهي وڃڻو.
-
عمران خان سول نافرماني جي ڌمڪي ڏئي غلطي ڪئي
اسلام آباد (نجم سيٺي) عمران خان کي سول نافرماني جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها. هڪ پاسي ته هو مطالبا ڪري ٿو ٻئي پاسي ڌمڪي ڏئي ٿو. ڳالهين ۾ ڌمڪي واري ڳالهه ان کي پوئتي رکڻو پوندو آهي. ڌمڪي ايندي آهي ته سامهون وارو به چوندو ته آهي ته ڀلا ڪري وٺو جيڪو ڪرڻو آهي. کيس جڊيشل ڪميشن ۽ سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪرڻو هو ۽ قيدين جي لسٽ ڏيڻ گهربي هئي. مطالبي سان گڏ اهو چوي ها ته اسان اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. پوءِ خبر پوي ها ته حڪومت ڳالهيون ڪري ٿي يا نٿي ڪري. پوءِ هي چوي ها ته مون ته ڪوشش ڪئي هئي پر ڳالهيون نه ٿيون. پوءِ هو ڪجهه وقت ڏئي ها ۽ پوءِ چوي ها ته هاڻي مطالبا مڃو نه ته مان سول نافرماني جو سڏ ڏيندس. پر هڪ ئي وقت ۾ ڌمڪي غلط حڪمت عملي آهي. عمران خان جي ڪميٽي بهتر آهي جنهن ۾ قانوندان ۽ سياستدان به آهن. ٻئي پاسي اهو چوڻ ته سندس مطالبا ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو؟ اڃا ته رڳو 2 ڏينهن ٿيا آهن. حڪومت کي ساڻن ڳالهيون ڪرڻ گهرجن پر اهو پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ته اسان ڪميٽي ٺاهي آهي توهان به ڪميٽي ٺاهيو ته جيئن ڳالهيون اڳتي وڌن. عمران خان ڪڏهن چوندو آهي حڪومت، ڪڏهن پارليامينٽ، ڪڏهن ڪميٽي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، ڪڏهن جڊيشل ڪميشن ته ڪڏهن واري رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي هن هڪ نئون لفظ استعمال ڪيو آهي ته اسٽيڪ هولڊر سان ڳالهائڻو آهي. اسٽيڪ هولڊر ته عام ڳالهه آهي. اهو اشارو ڪنهن ڏانهن آهي؟ ان مان مطلب اهو آهي ته هن کليو ڇڏيو آهي ته ان ۾ حڪومت ۽ رياست ٻئي ٿي سگهن ٿا. هاڻي ٻنهي طرفان جواب اچي سگهي ٿو پر پارليامينٽ ۾ ڳالهه ٿي ته ان جو امڪان وڌيڪ آهي پر ٻاهر ويٺا ته امڪان گهٽ هوندو.
-
اسٽيبلشمينٽ جي ايندڙ قيادت به عمران خان سان ڊيل نه ڪندي
اسلام آباد (فخر دراني) پي ٽي آءِ ۽ رياست وچ ۾ ڊيل جون خبرون ٻيهر اچي رهيون آهن. ذريعن موجب ان قسم جي ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي ۽ نه ئي ان جو ڪو امڪان آهي جڏهن ته ٽرمپ جي اچڻ سان به ڪو فرق نه پوندو. ان حوالي سان به ڪا اڳڀرائي ناهي ته برطانيا يا ٻئي ملڪ جي گارنٽي تي کيس ٻاهر موڪلي سگهجي ٿو. ذريعن موجب عمران خان جهڙي ريت رويو رکيو آهي ۽ رياست کي نشانو بڻايو آهي ان کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي ايندڙ قيادت به ڪا ڊيل نه ڪندي ۽ عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ جي حوالي سان ڪو امڪان ناهي.
-
عمران خان ماضي ۾ ناڪام ويو، هن ڀيري به هدف ماڻي نه سگهندو: تجزئي نگار
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سول نافرماني جي ڌمڪي ڇو ڏني آهي، ان سان حڪومت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ان حوالي سان تجزئي نگار نويس افتخار جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ عمران خان پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي، هن ڀيري به هدف حاصل نه ڪري سگهندو، تجزئي نگار چوڌري غلام حسين جو چوڻ آهي ته عوام جنهن سان گڏ هجي اهو ناڪام نه ويندو، ماضي ۾ عمران خان وٽ عوامي حمايت نه هئي، انڪري سول نافرماني تحريڪ ناڪام وئي پر هن ڀيري وڌيڪ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي فوجي مصنوعات جي بائيڪاٽ جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻي پاسي عمران خان جي ويجهي ساٿي ذلفي بخاري جو چوڻ آهي ته سول نافرماني لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا جاري آهن، ان حوالي سان 9 ڊسمبر تي پارٽي جو اجلاس گهرايو آهي، ان ۾ مشاورت ڪئي ويندي،