حيدرآباد(رپورٽر) قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي جماعتن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڀيانڪ آهي، ان ڪري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرائڻ جي لاءِ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلايل تحريڪ کان به وڌيڪ سگهاري تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ سنڌ جي جياپي لاءِ پرامن سياسي جدوجهد ڪري سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ نيشنل پارٽي سنڌ پاران “سنڌ سڪائڻ ڌرتي ڦٻائڻ” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن، هارين ۽ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته پاڪستان جو سماج يرغمال بڻيل آهي، وڏيون سياسي جماعتون، عدالتون ۽ ميڊيا اسٽيبلشمينٽ آڏو مجبور ۽ مصلحت جو شڪار آهن، ملڪ ۾ خوف پيدا ڪيو ويو آهي ۽ چند ماڻهن جي گروهه وارو مٿيون طبقو مزا ماڻي رهيو آهي. هن چيو ته نوان ڪئنال ڪڍي آباد زمينن کي غير آباد ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ سوسائٽيون ٺاهڻ جو سڄو بار سنڌ ۽ بلوچستان مٿان ڪرندو. هن چيو ته چيو پيو وڃي ته ڪئنالن وارو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ گهرجي ها،پر اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته بلوچستان جي نمائندگي ته اسٽيبلشمينٽ جي چونڊيلن وٽ آهي ۽ پيپلزپارٽي اتان جي حڪمران جماعت آهي. هن چيو ته اسان طاقتورن جي طاقت کي ويجهي کان ڏٺو آهي، مشرف جي بلوچستان ۾ ٻاريل باهه اڃا ٻري رهي آهي، بلوچستان ۾ روز نوجوان ماريا پيا وڃن ۽ ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا، بلوچستان ۾ ڏهاڪن کان آپريشن جاري آهي، پر وري هاڻ چيو وڃي ٿو ته اسان بلوچستان آپريشن شروع ڪنداسين، اڃا باقي ڪهڙو آپريشن ڪرڻو اٿن،سينيئر قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو چيو ته ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ واري منصوبي جي ڪري سنڌ اندر اهڙي تباهي ايندي، جنهن جا مثال دنيا ۾ ڏنا ويندا. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي تمر جا ٻيلا دنيا ۾ ٻئي نمبر تي هئا، پر سمنڊ هن وقت تائين 20 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. جيڪا زمين سمنڊ کائي رهيو آهي، اها سدائين جي لاءِ پئي وڃي، جيڪا وري واپس ناهي اچڻي. هن چيو ته عالمي قانونن موجب به غير آباد زمين آباد ڪرڻ جي لاءِ آباد زمينون بنجر نه ٿيون ڪري سگهجن، اسان سنڌ جون زمينون سڪائي پنجاب جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ نه ڏينداسين. نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مجيد ساجدي چيو ته ڪڏهن ون يونٽ قائم ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ 6 ڪئنال ڪڍڻ جا اعلان ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ملڪ جون چار وڏيون پارٽيون پ پ، (ن) ليگ، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ صرف اقتدار جي ڊوڙ ۾ لڳل آهن. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌو درياهه مٿان رٿيل 6 ڪئنال ڪالاباغ ڊيم جي پاڻي کان پنج ڀيرا وڌيڪ پاڻي کڻندا. هو ابتدائي طور تي 80 لک ايڪڙن کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گڊو ۽ سکر بئراج کان هيٺ پاڻي وڃي ئي نه سگهندو، 6 ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ۾ زندگي ئي نه رهندي. سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سمنڊ ڪراچي ۽ حيدرآباد به کائي ويندو. ان ڪري ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ سگهاري تحريڪ جي ضرورت آهي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻن شاهينه رمضان چيو ته سنڌو درياهه مان جيڪڏهن 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته اسان پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي جي لاءِ پاڻ ۾ ئي پيا وڙهنداسين،ايس آءِ ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ زمينون پرڏيهين، خانگي ڪمپنين ۽ سگهارن ادارن جي حوالي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. هن وقت عرب ملڪن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن ته اهي اچي انهن زمينن تي سيڙپڪاري ڪن، اهي سيڙپڪار مقامي ماڻهن کي ڪجهه به ڏيڻ جا پابند نه هوندا. مقامي ماڻهن مٿان سختيون ڪيون وينديون، اهڙي صورتحال ۾ ٻهراڙي توڙي شهري علائقن جي ماڻهن کي گهڻو ڀوڳڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هزارين ايڪڙ زمين اڳ ۾ ئي گرين پاڪستان انيشيٽو جي لاءِ مختص ٿي چڪي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ کي روڪڻ ۽ پاڻ کي برباد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر جتوئي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، پنجاب سنڌو درياهه سڪائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ حڪمرانن کي ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ سگهاري مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر خادم حسين ٽالپر چيو ته سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري بدين ضلعي جون 12 يوسيون سڪي ويون آهن، زمين خراب ٿي وئي آهي ۽ سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو صرف اهو چون پيا ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي ۽ اسان کي جيئڻ جو حق ڏيو. هن چيو ته بدين ضلعو سڀ کان وڌيڪ پيٽرول ڏيندڙ آهي، پر بدين مان نڪرندڙ پيٽرول جي ناڻي تي بدين ضلع جو ڪو به حق ناهي. سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي تسليم نٿي ڪئي وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ اصغر قريشي چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي پٺيان سنڌ جي تباهي جا منصوبا لڪل آهن، سنڌ جو پاڻي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي چوري ڪيو پيو وڃي، هاڻ مڪمل پاڻي ڦرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌو درياهه کي ختم ڪرڻ جي رٿا پڌري ٿي وئي آهي، درياهه کي مارڻ جي لاءِ بند ٻڌا پيا وڃن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ اقبال خان چيو ته ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهڻ ۽ تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي. هن وقت به ڊالر ڪمائڻ جي لاءِ سنڌ سڪائڻ لاءِ 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ضياءَ ڀٽي چيو ته سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ ترقي پسندن، قومپرستن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌو درياهه سنڌ جو وجود آهي، درياهه تي ڪئنال قبول ناهن،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حاجي خان سمون چيو ته اڳ ۾ ٺهيل ڊيم ڀرجن پيا ۽ تڪراري ڪئنال وهن پيا. هاڻ وري 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي مڪمل سڪائڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرو سنڌ جي ڦرلٽ ۽ وسيلن تي قبضن ۾ حصيدار آهي. جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ امير علي چانڊيو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جهڙن منصوبن جي پٺيان عالمي سامراجي طاقتن جو هٿ آهي، وطن دوست پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر چيو ته سنڌ جي پاڻي جو مسئلو اڄ جو ناهي، هي مسئلو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو شروع ٿيل آهي. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو ۽ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو آهي، ڪئنالن خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي لاءِ هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪري گڏ کڻي هلڻو پوندو، ڀوتار ۽ وڏيرا ڪڏهن به سنڌ جي ماڻهن سان گڏ ناهن بيٺا. انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته سنڌ جي حڪمران جماعت کي ڪئنال ڪڍڻ تي اعتراض آهي ته هو واضح ڪن ته انهن کي ڪئنالن پٺيان سازشي منصوبا قبول ناهن. سي سي آءِ ۽ ارسا سميت ٻين آئيني فورمن کي پٺتي رکي فيصلا ڪرڻ بند ڪيا وڃن،ان موقعي تي نيشنل پارٽي مرڪزي اڳواڻ طاهره خورشيد، طالب جکرو ۽ غلام حسين لغاري پڻ خطاب ڪيو.