اسلام آباد(منيب فاروق) ھڪ پاسي پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي ويھي آرٽيفيشل انٽيليجنس وسيلي فوجي مصنوعات جي بائيڪاٽ جي مھم ھلائي پئي وڃي ۽ رت ھاڻيون پروڊڪٽس ڏيکاريون پيون وڃن جنھن تي مٿين ڌرين کي ويچارڻو پوندو تھ ان سموري پروپيگنڊا کي ڪھڙي ريت منھن ڏجي؟ تھ ٻئي پاسي عمران خان پنھنجي تازي ڳالھين ۾ چيو آھي تھ ملڪ اندر 26ھين آئيني ترميم بعد 10 ورھين لاءِ مارشل لا لاڳو ٿي چڪي آھي ۽ ڏھ سالن لاءِ ھڪ بادشاھ کي آندو ويو آھي ،اسان مٿان ناجائز سرڪار کي قبولڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ملڪ اندر صوبائيت جي باھھ ڀڙڪائي پئي وڃي.سوال پيدا ٿئي ٿو تھ ڇا اھو اشارو آرمي چيف ڏانھن آھي؟ پر ان جو مدو تھ 2027 تائين آھي سو ھتي اھا ڳالهھ سامھون اچي ٿي تھ عمران خان جي دور ۾ جيڪو منصوبو جوڙيو ويو ھيو اھو ڏھن سالن وارو ھيو ان دوران ملڪ اندر صدارتي نظام لاڳو ڪرڻو ھيو. سو ھن لڙائي ۾ اگر ڪنھن جو منصوبو نھ بھ ھجي تھ عمران خان جي ضد کي ڏسندي اھو منصوبو ٿي بھ سگھي ٿو. عمران خان کي ترت ئي سياسي ڌرين سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن .ملڪ اندر ھن وقت دٻاءُ جي صورتحال آھي، صحافت آزاد ناھي ، اڻ وڻندڙحالتون آھن پر جيڪو ڪجھه تحريڪ انصاف ڪري پئي ان جو نقصان صرف انھن کي ٿيندو. پر ان لڙائي جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ اھو سوال ھن وقت تمام اھم آھي جنھن تي ويچارڻ جي ضرورت آھي.ھر مونجھاري واري ماحول ۾ سياسي ڌريون ڳالھين جو رستو ڪڍنديون آھن پر عمران خان ان جي ابتڙ وڃي رھيو آھي جنھن جي ڪري مستقبل جي حوالي سان ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا تھ ان لڙائي جو انت ڪٿي ٿيندو؟