بئريسٽر گوهر عليمه خان جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت سندس ڀيڻ عليمه خان جون دعوائون رد ڪري ڇڏيون.
نجي ٽي وي چينل سان گفتگو دوران پي ٽي آءِ چيئرمين کان سوال ڪيو ويو ته عليمه خان حڪومت سان توهان جي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي؟ جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته منهنجو 24 نومبر يا ان کان اڳ حڪومت سان ڪو رابطو ناهي ٿيو، حڪومت سان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات تي ڪا ڳالهه ناهي ٿي.
بئريسٽر گوهر کان سوال ڪيو ويو ته عليمه خان چيو توهان پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ وقت به ٻڌايو؟ جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نه آزادي بابت ڪا ڳالهه ڪئي نه ذڪر ڪيو.
هن چيو ته حڪومت ڪڏهن به پي ٽي آءِ باني جي 20 ڏينهن ۾ آزادي جو واعدو نه ڪيو، ڌرڻو ختم ڪرڻ بدلي عمران خان جي 20 ڏينهن ۾ آزادي جي ڳالهه غلط آهي.
واضح رهي ته عليمه خان لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته قافلا پهچي ويا ته حڪومت دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هئي، حڪومت دٻاءَ ۾ اچي بئريسٽر گوهر کي عمران خان سان ملاقات لاءِ جيل موڪلرايو ۽ چيو هو ته کيس 20 ڏينهن اندر آزاد ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.