عمران خان ڳالهين لاءِ تيار، مولانا فضل الرحمان جو ڪردار اهم

اسلام آباد (م ڊ) صاحبزاده حامد رضا جو چوڻ آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو 9 مئي سانحي تي عدالتي ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن، فواد چوڌري چيو ته  ايندڙ ڏينهن ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار اهم هوندو، عمران خان ٻن نقطن تي ڳالهائڻ جو چئي رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته عمران خان سان سڌيون ڳالهيون ڪري، موجوده سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ جو هڪ حل قومي حڪومت جو قيام آهي.

  • پي ٽي آءِ مظاهرين تي گولي هلائڻ جي ڏوهه ۾ حڪومت معافي وٺي: شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )  اڳوڻي وزيراعظم ۽ ڪنوينر عوام پاڪستان پارٽي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو. سياست نفرت ۽ دشمني ۾ بدلجي چڪي آهي، اسلام آباد ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي اجلاس کان پوءِ جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت اڄ به انڪاري آهي ته 26 نومبر تي ڪابه گولي نه هلائي وئي آهي، پر گولي هلائڻ حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف آهي.هن چيو ته مظاهرين جي عمل سان متفق نه آهيون، پر انهن ڪوبه حملو نه ڪيو، مظاهرين ۽ حڪومت جي قدمن تي بحث ٿيڻ گهرجي، حڪومت عوام جون تڪليفون ختم ڪري، پي ٽي آءِ باني عمران خان اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو هو، اڄ به ساڳيو ڪم جاري آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ موجود مسئلن جو حل ڪڍڻ جي ضرورت آهي. اڄ زبان جي بنياد تي ناانصافي ٿي رهي آهي. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا ماڻهو عزت گهري رهيا آهن. اسان کي ملڪ جي معاملن کي بهتر ڪرڻو آهي، گذريل وقت سان ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن.

  • آئيني بينچ جي ججن ۾ اختلاف، هڪ ٻئي خلاف رمارڪس

اسلام آباد (عمران وسيم) آئيني بينچ ۾ پرڏيهي پاڪستاني جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي هئي جنهن ۾ هو تعليمي اداري لاءِ سي ڊي اي کان ساڳيو پلاٽ حاصل ڪرڻ چاهي رهيو هو جيڪو کيس معاهدي ۾ ڏنو ويو هو. سندس وڪيل سلمان اڪرم بٽ جذباتي انداز ۾ اهو چئي  رهيو هو ته ٻاهريان ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته ساڻن اهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو، پوءِ هو ڪيئن سيڙپڪاري ڪندا؟ ان تي جسٽس محمد علي مظهر ۽ نعيم افغان چيو ته هتي سيڙپڪاري ٿئي پئي ۽ ٿيندي رهندي، تعليم ڪمرشلائز بڻجي چڪي آهي، اوهان هتي ڪمائڻ لاءِ اچي رهيا آهيو. ان تي جسٽس مسرت هلالي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو به سيڙپڪاري ڪرڻ ايندو ان سان اهڙو ئي ورتاءُ ٿيندو آهي. جسٽس نعيم اختر افغان ان تي چيو ته اوهان هتي ٻارن کان فيس وٺندا، مفت تعليم نه ڏيندا. ان تي ٻيهر جسٽس مسرت هلالي وڪيل کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان هتي مفت تعليم به ڏيندا تڏهن به اوهان سان اهڙو ئي ورتاءُ ٿيندو. تنهن کانپوءِ جسٽس محمد علي مظهر ۽ ٻين ٻنهي کي روڪيو. عدالت فيصلو ڪيو ته جنهن سيڙپڪاري ڪئي هئي کيس پيسا واپس ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.