اسلام آباد (فخر دراني) بشريٰ بي بي جي ٻيهر گرفتاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بشريٰ بي بي جي آزادي کانپوءِ اهو نه سمجهيو ويو هو ته احتجاج جي اڳواڻي به ڪندي ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کانپوءِ حڪومت ۽ رياست اهو فيصلو ڪيو. هاڻي حڪومت ۽ رياست سمجهي ٿي ته بشريٰ بي بي دوکو ڏنو آهي، هن خاطري ڪرائي هئي ته هو وفاق تي چڙهائي نه ڪندي ۽ ٽڪراءَ جي سياست نه ڪندي پر هوءَ ته عمران خان کان به اڳتي نڪري وئي ۽ ڊي چوڪ اچي نڪتي. هاڻي مٿس اعتماد نٿو ڪري سگهجي. بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو نيب هاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.