اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽ ٿي ساڍا ٽي سيڪڙو تي اچڻ تي سڄي قوم کي مبارڪ ڏني ۽ چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ڇهن سالن جي گهٽ ترين شرح تي اچي وئي آهي، 4 آڪٽوبر 2018ع کانپوءِ پرائس انڊيڪس گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ 39 ڏهائي 11 سيڪڙو جي گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، هن چيو ته هو عوام سان ڪيل واعدن تي قائم آهن، عوام جي ڏکيائين جي ازالي لاءِ ڏينهن رات محنت جو وچن ڪيو هو، هو خادم پاڪستان پنهنجي ڪيل هر وچن تي قائم آهي.