مهانگائي گهٽائڻ لاءِ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪرڻو پوندو:محمد اورنگزيب

ڪراچي ( رپورٽر) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سيلز ٽيڪس جي چوري سان بزنس ماڊل نٿو هلي سگهي. ڪراچي ۾  اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي فائديمند پاليسين جي ڪري معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.هن چيو ته سموريون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪ ۾ بهتر پرڏيهي مٽاسٽا ڪمائي رهيون آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنين 2.2 ارب ڊالرن جو منافعو واپس موڪليو آهي،زرعي ۽ ريٽيل سيڪٽر کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو،هن چيو ته معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي،ڪنهن جي به حڪومت هجي پاليسين جو تسلسل ضروري آهي،هن چيو ته ٽي صوبا زرعي ٽيڪس تي رضامند ٿي چڪا آهن،اسان سنڌ سان به ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته ضلعي سطح تي اسان جي پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال ۽ متحرڪ هئڻ گهرجي،ڇو ته غذائي شين ۽ ٽرانسپورٽ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن پر انهن جا ثمر صحيح معنيٰ ۾ عوام تائين نه پيا پهچن، هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي،هن گورنر سان گڏ آءِ ٽي مارڪي جو دورو ڪيو، ۽ مستحقين ۾ راشن جا ٿيلها به ورهايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.