لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جعلي ماڻهن جي طاقت سان مسئلا حل نه ٿيندا، مهانگائي گهٽائڻ جون وزيراعظم جون دعوائون ڪوڙيون آهن، رڳو گيس جي قيمتن ۾ 319 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت پاڻ ئي جعلي خبرون پکيڙي رهي آهي، پابندي وري انٽرنيٽ ته مڙهيل آهي. انٽر نيٽ جي پابندي قبول نه ڪنداسين، مدرسن جي رجسٽريشن جي حق ۾ آهيون، سمورن بورڊز کي اعتماد ۾ وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي، هارين جي مسئلن جي حل لاءِ لاهور سميت پنجاب جي سمورن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مارچ ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ پنجاب جي قيادت جي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ مظاهرين تي حڪومت جي ظلمن جي جاچ لاءِ آزاد ۽ بااختيار ڪميشن جوڙي وڃي. وفاقي راڄڌاني ۾ پختونن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي حڪومت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي حقيقتن کي لڪائي نه ٿي سگهي آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ملي رهيو آهي،