سنڌ سرداري نظام جو مرڪز بڻيل آهي،انتهاپسندي خلاف لطيف جو پيغام عام ڪرڻو پوندو

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۽ اديبن چيو آهي ته  پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ جي بجيٽ پئسن مان عالمي اردو ڪانفرنس وانگر شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت کي ملڪ  اندر مذهبي انتها پسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف جي شاعري ۽ فڪر کي عام ڪيو وڃي، سنڌ جو گورنر هائوس وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌ خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، اهي ڳالهيون ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب جي ڪلچرل ڪميٽي طرفان شاھ لطيف رواداري ڪانفرنس جي موقعي تي تقريرون ڪندي ڪيون ويون. ان موقعي تي  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو  ته پاڪستان آرٽس ڪائونسل سنڌ جي پيسن مان عالمي اردو ڪانفرنس ڪري ٿي، پر شاهه لطيف ڪانفرنس ڇو نٿي منعقد ڪري، ڪراچي جا ٻيا تعليمي ادارا به شاھ لطيف ڪانفرنس ڇو نه ڪري رهيا آهن؟هن چيو ته اسان سنڌ کي پنجاب، ڪي پي ڪي بڻجڻ نه ڏينداسين، امر ڪوٽ واقعي خلاف رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي جي فڪري جدوجهد ۽ شاھ لطيف جو پيغام موجود هو.، امر ڪوٽ واقعي پويان ٻاهران آيل ماڻهن ۽ انهن جي مقامي ايجنٽن قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پوليس جو هٿ هو هن چيو ته شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھ لطيف جي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين اي ڪٿي آهن؟شاھ لطيف ۽ سچل جي سنڌو درياھ، ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضي خلاف مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ کي متحد ڪرڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي متحد ڪرڻ جو درس ڏي ٿو شاهه لطيف سنڌ کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ان تي قائم آهيون سنڌ جي فڪري اڳواڻ ۽ امام شاھ لطيف پورهيت عورتن جي عظمت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته  شاھ لطيف سهڻي جي ذريعي محبت، سسئيءَ جي ذريعي جدوجهد جو درس ڏنو ڪو به معاشرو برداشت ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته  عدالت کان مٿانهان فيصلا تشدد ۽ قتل سنڌ جي امن لاءِ خطرو آهي اڄوڪي سنڌ ۽ ملڪ ۾ عورتون ۽ ٻار غير محفوظ آهن، سنڌ جو عوام ڏوهن ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي،هن چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين چولستان مان 6 ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌو درياءَ تي نوان ڪينال ٺاهڻ جي منصوبي کي رد ڪيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، ٻئي طرف زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتا ۽ خوشحال آھن پر سنڌ ۾ عوام بدحال ۽ ڪرپٽ حڪمران خوشحال آھن.نامور دانشور، اديب جامي چانڊيو چيو ته مذهبي انتهاپسندي بنيادي طور هڪ سياسي مسئلو آهي جيڪو عالمي سامراجي قوتن ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو پيدا ڪيل آهي،هن چيو پنجاب جي ڪنهن به شهر، تعليمي اداري ۽ چوراهي تي شاھ لطيف جي رواداري جهڙيون ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهون، قومي اسيمبلي هجي يا سينيٽ جو ايوان هجي يا سنڌ اسيمبليءَ هجي اتي مذهبي انتها پسنديءَ خلاف ۽ امن رواداريءَ تي ڳالهه ڪرڻ تي اڻ اعلانيل پابندي آهي، صرف سنڌ جي روڊن رستن، پريس ڪلبن ۽ گهٽين ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف ۽ رواداريءَ کي لاڳو ڪرڻ جي مطالبي تي احتجاج ٿي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ اسان کي شاھ لطيف جي رواداريءَ جي شاعري ۽ فڪر جي ضرورت آهي ۽ اسان کي انتھا پسنديءَ جي محرڪن نتيجن ۽ امڪاني حل تي پڻ غور ۽ ان ۾ گلوبل تدبيرون جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ به مذهبي انتهاپسندي وڌي چڪي آهي ۽ گانڌي پنهنجي پڇاڙي ۾ مذهبي انتهاپسندي جو شڪار ٿي ويو، بنگلاديش جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ قربانين بعد مذهبي انتهاپسندي پنهنجو شڪار بڻايو آهي هن چيو ته شاهه لطيف رواداري جي روايت واري ڪلاسيڪل دور جو وڏو علمبردار هو سنڌ جي جديد ترقي پسند تحريڪ کي شاھ لطيف جي ان عظيم فڪر کي بڻياد بڻائڻو پوندو، جامي چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ اسان کي مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتهاپسندي جي توڙ خلاف شاھ لطيف جي رواداريءَ کي عام ڪرڻو پوندو، نالي واري ليکڪ انعام شيخ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب شاھ لطيف رواداري ڪانفرنس ڪري بهترين ڪم ڪيو آهي، سنڌ جون مخالف قوتون ملڪ جي ٻين صوبن وانگر افغاني مال واري مذهبي انتها پسنديءَ جون پاڙون هڻڻ چاهن ٿيون، پر شاهه لطيف جو رواداري، امن ۽ ڀائيچاري وارو فڪر ۽ شاعري انهن آڏو چين جي ڀت واري رڪاوٽ بڻيل آهي، هن چيو ته شاهه لطيف ساڍا ٽي سو سال اڳ پنهنجي شاعريءَ ۾ هندو راجائن، واپارين ۽ عورتن جو ذڪر ڪري اهو ثابت ڪيو هو ته سنڌ مذهبي ڀائپي، سيڪيولر فڪر جي ڌرتي آهي،هن سسئي، مومل ۽ ٻين عورتن کي پنهنجي شاعريءَ جون سورميون ڪري پيش ڪيو، پاڪستان فلم انڊسٽري جي نامور فنڪار مصطفيٰ قريشي چيو ته هو سنڌ جي مسئلن ڪري سنڌ جي گورنر هائوس جي ايوارڊ کي لت هڻي ڇڏي ٿو، هو شاه لطيف ۽ سنڌ جو عاشق آهي، هن چيو ته هن شاھ لطيف جي شاعري ۽ ان جو فڪر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ رسول بخش پليجو وٽان پرايو، صحافي ناصر محمود چيو ته رواداريءَ جي شاعري کي عملن اپنائڻو پوندو، شاھ لطيف قوم پرستي سان گڏ هن پيغام آفاقي ڏنو هو، علامه اقبال صرف مسلمانن شاعري ڪري پاڻ کي سڄي جهان جو شاعر بڻائي نه سگهيو، شاھ لطيف ٻين مذهبن کي پاڻ سان گڏ کڻي هليو، سنڌ ۾ ٻاهران آيل مسلمانن سنڌ جي رواداريءَ کي نقصان پهچايو  پروگرام ۾  علي خاصخيلي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سانا، يونس مهر، لنڊن کان آيل جاويد سومرو، روماسا جامي، ڊاڪٽر شير مهراڻوي، اخلاق انصاري، رميش راجا، مقصود سومرو، جاويد مهر ،سبينه شهباز، انيس ميمڻ، مريم گوپانگ، ضياء ابڙو، منير چانڊيو، رياض شاهد دايو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، سهيل ميمڻ ،منير چانڊيو، ڊاڪٽر نسيمه منير، رميش راجا ۽ ٻيا اديب شاعر، ليکڪ ۽ صحافي پڻ موجود هئا پروگرام ۾ آيل مهمانن کي ڪراچي پريس ڪلب جي شيلڊ ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ ڏنا ويا ۽ آخر ۾ موسيقي جي پروگرام ۾ برڪت علي ڀٽ پنهنجو راڳ ڳايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.