6 ڪئنالن خلاف ايس ٽي پي پاران اڄ ڪراچي ۾ ڌرڻو رٿيل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياھه تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف اڄ 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گورنر ھائوس  سامهون ڌرڻو هنيو ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ٽي پي جي سڏ سنڌو درياھه تي ڪئنال اڏڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا جاري آھن. اڄ 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گھگھر ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا گورنر ھائوس سامھون پھچندي اتي ڌرڻو ھنيو ويندو. ھن چيو ته گورنر ھائوس آڏو ڌرڻي ۾ ھزارين ڌرتي ڌڻي شرڪت ڪندا. ھن چيو ته وفاق ماضيء مان سبق حاصل ڪري. 6 ڪروڙ سنڌي سنڌو درياھه تي ڪو به ڪئنال ٺاھڻ نه ڏيندا. هن چيو ته گرين اپاڪستان انيشيٽو منصوبي جي نالي ۾ چولستان، ڪڇي ڪئنال، چشما جهلم 2 ڪئنال سميت ٻيا ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد سنڌو درياھه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ آھي. اسان وفاقي سرڪار کي خبردار ڪيون ٿا ته اھا سنڌو درياھه تي ڪئنال ٺاھڻ کان پري رھي ٻي صورت ۾ موجوده حڪمرانن سان به اھو ئي ٿيندو جيڪو ماضي ۾ سنڌو درياھه جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪندڙ حڪمرانن سان ٿيو ھو. ھن چيو ته سنڌو درياھه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌندو سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائيندو پيو وڃي، عالمي پاڻي ماھرن مطابق سنڌو درياھه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ گھٽ ۾ گھٽ 15 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گھرجي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. پيپلزپارٽي ۽ ان جي سنڌ حڪومت ڪئنالن ۽ پاڻي سميت ماحوليات کي بھتر بنائڻ لاءِ وڻ لڳائڻ بابت ڪوڙ مٿان ڪوڙ ھڻي رھي آھي. پيپلزپارٽي ڪئنالن واري معاملي تي منافقت ڪرڻ ڇڏي ڏي. ٻي صورت ۾ اسان سڀ گڏجي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي ڪئنالن جي کلي عام مخالفت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ٻڌائي ته 16 سالن کان ھلندڙ اقتدار ۾ ان 1991ع پاڻي ٺاھه موجب سنڌ کي پنھنجي حصي جو ڪيترو پاڻي وٺي ڏنو آھي. هن چيو ته  سنڌو درياھه تي ڪوبه ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي ايس ٽي پي جو سينيئر وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏھي ۽ جان محمد جوڻيجو ساڻس گڏ موجود ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.