اسلام آباد(علي وارثي)ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر اشتياق احمد چيو آهي ته فوج سڀ کان پهرين 1953ع ۾ سياست ۾ آئي،جڏهن پنجاب ۾ احمدي مخالف وڳوڙ ٿيا،پوءِ 1958ع ۾ پهرين مارشل لا بغير گولي جي مڙهي وئي،گولي هلائڻ جي شروعات بلوچستان کان ٿي،58ع ۾ ئي پٽ فيڊر ۾ بلوچن تي گوليون هلايون ويون،هن چيو ته 71ع ۾ سول وار ٿي،بنگلاديش ۾ به گولي هلي،پنجاب ۾ 9مئي تي گولي هلي،24 نومبر تي اسلام آباد ۾ گولي هلي،پاڪستاني فوج ته پنجابي فوج آهي هتي پنهنجي ماڻهن تي گولي هلائڻ ايترو آسان ناهي،هن چيو ته عمران خان غلط هجي يا صحيح پر پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ لڳندڙ نعرن کي ڊينٽ وڌو آهي،دهشت گردي ختم ڪرڻ سان پاڪ آرمي جي رويي ۾ مڪمل تبديلي هوندي،سياست ۾ ان جو حصو ڇو هئڻ گهرجي،اڃا ته سياست جي ايڇ ڪيو جي چوڌاري چڪر پئي ڪاٽي،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي فوج بدران سياسي جماعتن سان ڳالهائڻ گهرجي،پ پ ۽ ن ليگ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ عمران خان انتها تي ويو آهي،هن چيو ته هجوم انقلاب نه آڻيندا آهن،پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به پارٽي وٽ انقلابي پروگرام ناهي،اسٽيبلشمينٽ اندر ڪا بغاوت ٿئي ته اهو اڌ انقلاب سڏيو ويندو،هن چيو ته انقلاب کان پهرين لينن ۽ اسٽالن ماڻهن کي تيار ڪندا رهيا،فرانس ۾ به انقلاب کان اڳ والٽيئر ۽ ٻين اڳواڻن جي سوچ عوام ۾ اچي وئي هئي،اسان وٽ ته ڪجهه ناهي،مان ان انقلاب ۾ يقين رکان ٿو جيڪو انسانيت جي خدمت لاءِ آندو وڃي،انسانيت تي ظلم ڪرڻ جو رواج ته پاڪستان ۾ تمام پراڻو ٿي چڪو آهي، اهو ختم ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته آءِ ايس آءِ پاڪستان جي سمورن وڏن شهرن ۾ ڊائلاگ پروگرام ڪرائي جنهن ۾ سني شيعا، هندو، مسلم، عيسائي، احمدي،ملحد سڀ شريڪ ٿين ۽ اتي ڳالهيون ٿين ته اسان ڪهڙن بنيادن تي هڪ ٻئي سان پيار محبت سان گڏ رهي سگهون ٿا،رياست پوءِ نئون آئين ٺاهي،اهو مٿين سطح تي نه عوامي سطح تي ئي ٺهي سگهي ٿو،منهنجي ان آئيڊيا تي ڪم ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته عمران خان اقتدار ۾ رهڻ دوران اسلاموفوبيا تي گهڻو وقت ضايع ڪيو،مون شروع ۾ هن جي حمايت ڪئي هئي ته اهو صاف ماڻهو آهي،هن کي جيڪڏهن ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو ته کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها،هن چيو ته مون جهڙا 20 ملين پاڪستاني، عرب، ترڪ واسي يورپ ۾ رهن ٿا،يورپ انهن کي مسجدون ٺاهڻ لاءِ فنڊ ڏنا آهن،ڪجهه علائقن ۾ آذان ڏيڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي،اسان تضادن ۾ رهون ٿا،اسان جمهوريت نه پر موبوڪريسي آهيون