سياسي عمل ۾ ڪا به رنڊڪ ​​ناهي، ڳالهيون جاري آهن: سلمان اڪرم راجا

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سياسي عمل ۽ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ملڪ جي بهتري لاءِ جيڪو بهتر هوندو اهو ڪنداسين، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي عمل ۾ ڪا به رنڊڪ ​​ناهي، ڳالهيون هلي رهيون آهن، سمورن  رخن سان ڏسبو، ملڪ جي امن ۽ ڀلائيءَ لاءِ جيڪو به ضروري هوندو اهو ڪنداسين، اسان ملڪ کي خوشحالي ۽ امن جي رستي تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ ڪا به مداخلت نه ٿيڻ گهرجي.

  • فل ڪورٽ 26هين آئيني ترميم ڪيس جي ٻڌڻي ڪري: شعيب شاهين

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين مطالبو ڪيو آهي ته فل ڪورٽ 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري، 26هين آئيني ترميم ذريعي انصاف جي نظام تي حملو ڪيو ويو، هن چيو ته آئيني بينچون 26هين ترميم جي ڪري ٺاهيون ويون، جيڪڏهن اها ترميم ڪالعدم ٿي ته آئيني بينچن جي فيصلن جو ڇا ٿيندو، هن چيو ته چونڊ ڌانڌلي بابت اسان جي درخواست سينيئر ججن وٽ لڳائي، حڪومت ملڪ جي ادارن کي نقصان پهچائي رهي آهي، ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي.

  • ڀارتي ماهر ڊاڪٽرن پاران پاڪستان ڀارتي شهرين لاءِ محفوظ قرار

ڪراچي(م ڊ) ڀارت کان ڪراچي پهتل صحت جي ماهرن پاڪستان کي ڀارتي شهرين لاءِ محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو، تيرهين سارڪ اي اين ٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جا 5 ماهر ڊاڪٽر پاڪستان پهتل آهن، پروفيسر ڪي پي مورواڻي چيو  ته پاڪستان به هندستان جي ٻين شهرن جيترو محفوظ آهي، پاڪستاني ايتري مهمان نوازي ڪندا آهن جنهن تي شرمساري ٿيندي آهي، منهنجا والدين سنڌ مان لڏي آيا هئا، اڄ مان پنهنجي وطن واپس آيو آهيان، پروفيسر پٽيل ٻڌايو ته 2006ع ۾ بمبئي کان ڪراچي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ آيا هئا، هن ڀيري ممبئيءَ کان ڪراچي اچڻ ۾ 12 ڪلاڪ لڳي ويا، اي اين ٽي پروفيسر تنيجا چيو ته پاڪستان اچي اردو ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ سان ڪن ڀرجي ويا آهن، ماهرن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ماڻهن ۽ ماهرن کي ملاقات جا موقعا وڌائڻ گهرجن.

  • آءِ پي پيز سان ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ ٻي ڪمپني سان معاملا طئي

اسلام آباد (م ڊ) آءِ پي پيز سان ڳالهين جي نتيجي ۾ هڪ ٻي ڪمپني سان معاملو طئي ٿي ويو آهي، توانائي واري وزارت ذريعن موجب سيف پاور ڪمپني جي بورڊ پاور پرچيز معاهدي ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بورڊ موجوده ٽيرف ۾  تبديلي ڪندي ٽاسڪ فورس جي تجويز ڪيل ٽيرف ۾ ترميم ڪئي آهي، سيف پاور ڪمپني هائبرڊ ٽيڪ اينڊ پي ٽيرف معاهدي تي عمل ڪرڻ جي پابند هوندي، ڪمپني هڪ پڌرنامي ذريعي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪيو آهي.ذريعن موجب بجلي جي ٻين مالڪن سان به ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن ۽ 31 ڊسمبر تائين وڌيڪ معاهدا ٿيڻ جو امڪان آهي.

  • ڪرم ۾ دهشت گردن جو  ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو، 6 اهلڪار شهيد

ڪرم ( م ڊ ) ڪرم ضلعي جي باگن ويجهو ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 6 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب اڻڄاتل دهشتگردن خيبر پختونخواهه  جي ضلعي ڪرم جي علائقي لوئر ڪرم ۾ بگن جي ويجهو 156 ونگ ٽل اسڪائوٽس جي پوسٽ تي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 6 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائب صوبيدار خالد بنگش، حوالدار جاويد اورڪزئي، لانس نائيڪ ولايت حسين طوري، لانس نائيڪ شهيد الرحمان، سپاهي نظام الدين محسود ۽ سپاهي صفت الله آفريدي شامل آهن.چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 7 اهلڪار پڻ زخمي ٿيا، جن ۾ صاب گل خٽڪ، نائيڪ سعيد خان خٽڪ، نائيڪ عابد حسين خٽڪ، لانس نائيڪ طاهر بنگش، سپاهي عامر سهيل آفريدي، سپاهي طيب الرحمان ۽ سپاهي توحيد الله مروت شامل آهن. سمورن شهيدن ۽ زخمين کي سي ايم ايڇ پهچايو ويو ، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.