قاسم آباد مان نوجوان کي پوليس کنڀي وئي، پيءُ ۽ دڪاندارن جو احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) قاسم آباد جي مک بازار وٽان دڪان تي ويٺل نوجوان ڪيف سميجي کي کنڀڻ خلاف سندس پيءُ ۽ دڪاندارن  احتجاج ڪيو. کنڀيل ڪيف سميجي جي پيءُ فاروق سميجو ۽ دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ محبوب ابڙو جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته نوجوان ڪيف سميجي کي اي سيڪشن پوليس کنڀي کڻي وئي آهي پر ملڻ نٿو ڏنو وڃي. فاروق سميجي موجب هڪ شخص کان هن 9 لک رپيا ورتا هئا جنهن جي وياج طور هو 20 لک رپيا ڀري چڪو آهي. ڄاڻايل شخص سندس خلاف ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جيڪا رد ٿي وئي ۽ هاڻي هو پوليس جي معرفت سندس پٽ کي کنڀرائي کيس حراسان ڪرڻ چاهي ٿو. هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.