واشنگٽن (م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب شام جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سان آمريڪا جو ڪو به تعلق ناهي، آمريڪا کي شام جي تڪرار ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته شام ۾ گڙٻڙ هلي رهي آهي پر شام اسان جو دوست ناهي، آمريڪا جو ان سان ڪو به واسطو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اسان جي ويڙهه ناهي، اسان کي ان ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي.