ڏکڻ ڪوريا جي صدر مارشل لا تي معافي وٺي ڇڏي، استعيفا کان انڪار

سيئول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي صدر خلاف مواخذي جي تحريڪ ناڪام ٿي وئي آهي، هزارين ماڻهن پاران گهيراءُ ڪرڻ بعد صدر مارشل لا لڳائڻ  تي معافي وٺي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق، ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يوول جي مواخذي لاءِ ڇنڇر تي پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو، مواخذي لاءِ 300 مان 200 ميمبرن جي حمايت گهربل هئي پر صدر جي پارٽي جي 100 کان وڌيڪ ميمبرن مواخذي واري ووٽ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ووٽ کان اڳ پارليامينٽ مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن ڪري مواخذي واري رٿ ناڪام ٿي وئي، اجلاس دوران هزارين مظاهرين پارليامينٽ جي عمارت ٻاهران احتجاج ڪيو، صدر يون کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد صدر ٽي وي تي اچي ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي مارشل لا لڳائڻ تي عوام کان معافي ورتي پر استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته مارشل لا لڳائڻ جو فيصلو مايوس ڪندڙ هو، آئنده اهڙي ڪوشش نه ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.