سنڌ جي ماڻھون جي ھا شڪايت ھر صورت درست آھي تھ ان سان وفاق ھر دور ۾ ناڻي ۽ پاڻي جي معاملي ۾ زيادتيءَ ڪئي آھي.جنھن خلاف سموريون ڌريون وقت بوقت دانھن ُڪوڪن بعد ان تي اقتدار ۾ويٺل توڙي اقتدار کان ٻاھر موجود سياسي ڌرين پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، ھن وقت بھ سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آھي.سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين جي چٽي موقف سامھون اچڻ باوجود وفاق پنھنجو ضد ۽ انا ڇڏڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري سنڌ ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام ۾ پکڙيل بي چيني وڌي رھي آھي.جيڪڏھن سياسي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي تھ وفاق جو اھڙو ضد خود وفاق جي سموري نظام جي نفي آھي،جنھن سان وفاق جي سگھاري ٿيڻ بدران ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو پر ٻئي پاسي اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ سمورين دليلن ۽ ثبوتن سان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ اھو عمل سڌي ريت سنڌ جي حق تلفي آھي، پوءِ پڻ وفاق ملڪ جي اھم صوبي سنڌ جي سخت خدشن ۽ تحفظات تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. ان ڪري ئي ماڻھن ۾ وفاق خلاف چڙ پئدا ٿي رھي آھي.ڪجھه مھينن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جاري احتجاج تحريڪ کانپوءِ ھاڻي سنڌ سرڪار پڻ سنڌ سان ٿيندڙ ان زيادتيءَ کي محسوس ڪندي، سنڌ جو پاڻي ڪيس وفاق آڏو انگن اکرن سان رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. جيڪو ھڪ بھترين عمل آھي، ان سلسلي ۾ اميد ڪجي ٿي تھ سنڌ جي ڪيس کي وفاق غور سان ٻڌندو ۽ سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي بابت ڪو بھ فيصلو سوچي سمجھي ڪندو جنھن سان سنڌ جي پاڻي وارن وسيلن کي ڪو نقصان نھ رسندو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) چولستان ڪئنال سميت تڪراري 6 ڪئنالن جي رٿا تي سخت خدشن جو اظهارڪيو آھي. ان رٿا کي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو قرار ڏنو آھي. پي اي سي سنڌ آبپاشي کاتي کي ان تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ڀرپور ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي. سنڌ پاران ان تڪراري چولستان ڪئنال منصوبي خلاف ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ سميت سڀني آئيني فورمن تي ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو. جنھن جي صدارت پي اي سي ،جي چيئرمين نثار احمد کهڙي ڪئي.گڏجاڻي ۾ ڪميٽي ميمبرن قاسم سراج سومرو، سيد فرخ شاهه، مخدوم فخرالزمان، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ڊي جي آڊٽ سنڌ، آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئرن سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار احمد کهڙو سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽريءَ کان تڪراري چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن بابت بريفنگ ورتي. آبپاشي کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ظريف کيڙي،اجلاس کي ٻڌايو ته چولستان ڪئنال نان پيرينل ڪئنال آهي. جنهن جي گنجائش 4152 ڪيوسڪ آهي. ان رٿا جو مقصد ڏکڻ پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ آهي، چولستان ڪئنال لاءِ پنجاب حڪومت جهلم، رسول آباد قادرآباد بئراج ۽ سليمانڪي بئراج کي ري ماڊل ڪرڻ چاهي ٿي. هنن بئراجن جي ري ماڊلنگ جي ڪري چولستان ڪئنال کي پاڻي جي ڊسچارج جهلم مان ٿيندي. جڏهن ته ستلج درياهه کي پاڻي جهلم ۽ چناب مان ملندو آهي ، ان ڪري جو ستلج کي پنهنجو پاڻي ناهي. جنهن ڪري چولستان ڪئنال لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال مسلسل وهايو ويندا ۽ چشما جهلم ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان سنڌ جو پاڻي کنيو ويندو. ان سان سنڌو درياهه کي وڌيڪ پاڻي جي گهٽتائيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو.
جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو آبپاشي کاتي کي ان تڪراری ڪئنال منصوبي خلاف وفاق آڏو سنڌ جو ڀرپور موقف پيش ڪرڻ لاءِ ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ کي چولستان ڪئنال تي سخت خدشا ۽ اعتراض آهن ڇاڪاڻ ته واڌو پاڻي موجود ئي ناهي ته هنن ڪئنالن ۾ پاڻي ڪٿان آندو ويندو. ان لاءِ سنڌ کي اِهو خدشو آهي ته چشما جهلم لنڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مسلسل وهائي سنڌ جي پاڻيءَ مان چولستان ڪئنال کي پاڻي ڏنو ويندو، سنڌ ان تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني سڀني آئيني فورمن ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ ۾ پيش ڪندي. نثار کهڙو چيو ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي ۽ چولستان ڪئنال منصوبو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جو منصوبو آهي جيڪو سنڌ کي قبول ناهي، ان موقعي تي پي اي سيءَ وفاقي حڪومت کان سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ ۽ ان تڪراري ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال منصوبي تان دستبرداريءَ جو اعلان ڪري سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪري.
سنڌ ھڪ اھڙو صوبو آھي جيڪو ملڪ جي پاڻي واري نظام يا انڊس رور سسٽم موجب پوڇڙيءَ ۾ واقع آھي.جنھن ڪري جڏھن بھ مٿان کان واڌو پاڻي اچي ٿو تھ سنڌ جو علائقو ٻڏي ٿو ۽ جڏھن مٿان کان پاڻي گھٽ ھوندو آھي تھ ان سان وري سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿئي ٿي.جڏھن واڌو پاڻي اچي ٿو، برسات ڪنھن سال وڌيڪ پئي ٿي تھ اھو باور ڪرايو ويندو آھي تھ ” ھيترو سارو پاڻي سمنڊ ۾ زيان ٿو ٿئي وڃي“ پر جنھن ڀيري سنڌ کي پنھنجي حصي جو گھٽ پاڻي ملي ٿو تھ ان وقت وفاق ۽ ان جي نمائندا خاموشي اختيار ڪن ٿا.جتي درياھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آھن اتي ڊيلٽا ٺھندا آھن، اتي درياھ زمين آباد ڪري ٿو، ان جي ڇڏيل لٽ سان اتي جي زندگيءَ کي جيدان ملي ٿو، ڳچ وقت کان سمنڊ ۾ گھربل پاڻي جي مقدار ڇوڙ نھ ٿيڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري اتي جو ايڪو سسٽم گھڻو متاثر ٿيو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آھي اھو ھڪ عالمي ڪيس آھي پر اسان جا اڪابر اھو ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جيڪا ھڪ وڏي زيادتيءَ آھي.سنڌ جي اختيارين کي سنڌ جي پاڻي واري ڪيس سان گڏ انڊس ڊيلٽا جي تباھي جو ڪيس پڻ تيار ڪرڻ گھرجي انھن ٻنھي ڳالھين جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي.جنھن سان بھتر نموني مسئلي کي بيان ڪري سگھجي ٿو.