آدرشي انسان حسن علي ٻپڙ جي ياد ۾

تحرير: شاهنواز راڄپر

سنڌ جي سياسي، سماجي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ان منجهه اسان کي انيڪ ڪردار اهڙا ملندا جن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي آجپي لاءِ آبياري ڪئي آهي. پوءِ اهو جنگ جو ميدان هجي، نظرياتي ويڙهه جا سلسلا هجن، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جون جلهون هجن، اهي اڏاول انسان جبل جيان پنهنجي جاءِ تي نظرياتي ساڃاهه سان ميدان ماريندا، قائم رهيا.

اهڙن دلير، داناءُ سياسي اڳواڻن مان حسن علي ٻپڙ جو نالو به نمايان بيهي ٿو، شڪارپور کان 40 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ماڙي تڙت جتوئي، جيڪا پوءِ ”مَهِدي جي ماڙي“ نالي سان سڏيو وڃي ٿو، لڳ ڪرمپور بجاراڻي ۾ هڪ وڏيرڪي گهراڻي اندر اک کولي، سندس وڏا پنهنجي وقت جا سخي ۽ سورِهَه انسان رهيا آهن، جن جي پنهنجي علائقي ۾ هاڪار ۽ ڌاڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ننڍڙو حسن علي اڃا ٿڃ پياڪ ئي هو ته سندس امڙ هي جهان ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿي. اسڪول کان ڪاليج تائين هي مختلف سياسي سرگرمين ۾ حصو به وٺندو رهيو پر ”من اندر جا لوچ مچڻ سان ماٺي ٿئي“ هن جو اندر تڏهن ٻري اُٿندو هو جڏهن عام مسڪينن تي ڏاڍ ۽ ظلم روا رکيو ويندو هو. هن جو ذهن ان روش جي خلاف بغاوت سان ڀريل هوندو هو ته اهڙو ڪو سياسي پلاٽ فارم هجي جتان ان ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف جدوجهد هلائجي. سندس اهو خواب سنڌي عوامي تحريڪ پاران شاگردن کي هڪ مثبت، سگهارو ۽ نظرياتي پليٽ فارم ڏيڻ لاءِ سنڌ شاگرد تحريڪ جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ حسن علي ٻپڙ جيڪب آباد ضلعي جو پهريون ڪنوينر مقرر ٿيو.

اهڙي طرح هن کي پنهنجي تنظيم جي مقصدن جي بارآوري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پئي، طبيعت جو ملنسار ۽ يار ويس هجڻ ڪري سندس دوستن جو حلقو به وسيع هيو ۽ جيڪب آباد جهڙي ضلعي ۾ جتي صرف سردارن جو ئي حڪم هلندو هجي اتي هن پنهنجي ڏاهپ، دليري ۽ سچائيءَ سان پارٽي ڪم کي اڳتي وڌايو. مخالف شاگرد تنظيمن طرفان مٿس ڪيترائي ڀيرا حملا به ڪرايا ويا، کيس اغوا ڪري مارڻ جون به ڪوششون ٿيون پر ”جوڳيءَ تي جڙاءُ نسورو ئي نيهه جو!“ هُو اهي سڀ مشڪلاتون پار ڪري اڳتي وڌندو رهيو ۽ نظرياتي ويڙهه وڙهندي هن جيڪب ضلعي اندر عوامي تحريڪ ۽ ان جي برادر تنظيمن سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، هاري ۽ مزدور تحريڪن کي منظم ڪيو ۽ ضلعي اندر پنهنجو وسيع سياسي حلقو پيدا ڪري ورتو، جنهن ڪري اتي جي ننڍن وڏن سردارن ۽ مخالف سياسي پارٽين خاص ڪري جماعت اسلامي وارا شامل هئا، تن کي ڏاڍي ڪاوڙ ۽ سِر جي اچي لڳي ته ڪيئن به ڪري هن عوام دوست تحريڪ جو رستو روڪيون پر حسن علي ٻپڙ راڄوڻو، ملنسار، دلير ۽ نظرياتي طور پختو هجڻ ڪري پنهنجو هم خيال حلقو وسيع ڪري چڪو هو. مٿس ڪيترن ئي طرفن کان دٻاءُ پيو.

کيس پنهنجن توڙي پراوَن کان ڪيتريون ئي سختيون مليون پر کيس پنهنجي نظرئي ۽ واٽ تان ڦيري نه سگهيون، ملڪ اندر ضيائي مارشل لا واري دور ۾ به هن پنهنجي ڀرپور نظرياتي ڪردار سان پاڻ نڀايو جو کيس روپوشيءَ جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. روپوشي دوران به هُو ماٺ ڪري ويهڻ وارو نه هو ۽ جنهن به علائقي ۾ ويندو هو اُتي به پارٽي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي همٿائيندو رهندو هو. حسن علي ٻپڙ هڪ راڄائتو ماڻهو به هو، ان ڪري سندس دوستيءَ جو حلقو گهڻو وسيع رهيو آهي.

سندس ڳوٺ واري اوطاق، مصيبت ۾ ڦاٿل دوستن لاءِ پوءِ ڀلي اُهي ڪهڙي به پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هجن، سندن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل هوندي هئي. موٽ ۾ هن ڪنهن به دوست کي اُهي ڏينهن ۽ رات ڪونه ڳڻايا ڇو ته هُو پاڻ به ڪيترائي ڀيرا مشڪلاتن جو شڪار رهيو پر بقول لطيف سائينءَ جي ته: ”ڪڏهن ڪوسا ڪين ٿيا، ڏوراپو ڏيئي“ جيڪڏهن کيس چئبو هو ته دوستن جو حال ناهي، تڏهن چئي ڏيندو هو ”ماڻهن کي هلائڻو آهي رُسڻو ناهي.“ اِها تمام وڏي ۽ سگهاري سوچ آهي، کيس سڀ دوست ساريل هوندا هئا ته ڪهڙا ڏکئي وقت ۾ ڪم آيا ۽ ڪهڙن پڇيو به ڪونه، جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته هُو نهايت راڄائتو ماڻهو هو تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي برادرين ۾ ڪي مسئلا ٿيندا هئا ته انهن کي نبيرڻ ۾ سندس مُکيا ڪردار رهندو آيو آهي، ايتري تائين جو گهرو سڱابندي جي مسئلن تائين به ماڻهن جا نبيرا ڪندو هو. انهن ئي سببن جي ڪري وڏيرن هر موڙ تي کيس ڌَڪيو پر اهڙن ڏکين مهلن ۽ حالتن ۾ به هن اڪيلي سِر منهن ڏنو. سندس ڪاروبار دوران ڪيترائي اهڙا ڪک پتي دوست هئا جيڪي هُن وٽان لک پتي بڻجي نڪتا. خير، اهو هڪ الڳ موضوع آهي جن تي ڪنهن ٻئي ڀيري روشني وجهبي. حسن علي ٻپڙ هڪ آئيڊيل، نظرياتي اڳواڻ هو جنهن جهڙا آدرشي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.