نيون چونڊون يا قومي حڪومت؟

تحرير: غلام حسين لغاري

 اسلام آباد ڊي چوڪ سانحي بعد عالمي قوتن ۽ اندروني دٻاءَ کان پوءِ ملڪ جو سياسي وايومنڊل هن وقت ڪنهن تبديلي طرف وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ن ليگ کي گهر ڀيڙو ڪري قومي حڪومت قائم ڪرڻ جون ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن جنهن سان ن ليگ اندر مايوسين جي هڪ لهر پئدا ٿي چڪي آهي جنهن جي ليڊرشپ خوف واري ماحول ۾ هجڻ جو ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن دير جي پنهنجي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وٽ وڃي پهتو آهي.بظاهر ته اهو آڏو آيو آهي وزيراعظم مولانا جي ان ڌمڪي کان خوفزده آهي جيڪا هن ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل اسيمبلي پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڏنو آهي پر حقيقت اها آهي ته وزيراعظم پ پ پ جي چيئرمن  بلاول ڀٽو جي مولانا سان ٿيل ملاقات بعد وڃي مليو آهي جنهن لاءِ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته بلاول ڀٽو سياسي تبديلي جي صورت ۾ پ پ پ جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مدد گهري آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي به ان قومي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو آهي پر پي ٽي آءِ شايد ئي ڪو اهڙو فيصلو ڪري پنهنجي عوامي طاقت کي داءِ تي لڳائي.ملاقاتن جو سلسلو هتي ختم ناهي ٿيو پر ن ليگ اڳواڻ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وري ايوان صدر پهچي آصف علي زرداري کان ن ليگ حڪومت جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ اندروني ۽ ٻاهرين سازشن کان مدد گهري آهي .

ڏسجي ته سانحه ڊي  چوڪ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڏنل سياسي ۽ انتظامي بيان جنهن ۾ هن واقعي ۾ سڌي ۽ اڻسڌي طرح طاقتور ڌرين کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو اهو به کيس بري طرح ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي ۽ ڌرين پاران نه صرف وضاحتون اچڻ شروع ٿي ويون آهن پر پي ٽي لاءِ به نرم رويو سامهون اچي رهيو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ مقتدر حلقن وچ ۾ اندر اندر ۾ ڳالهين جو ڪو سلسلو هلندڙ آهي.پي ٽي آءِ جا اڳواڻ عمر ايوب سميت جيڪي به مک اڳواڻ اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ٿيا هئا تن کي به عدالت فوري طور ضمانت ڏني آهي ۽آزاد ٿي چڪا آهن.اهڙي طرح اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان پارٽي اڳواڻن وڪيلن گهر ڀاتين ۽ صحافين جو ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن جڏهن ته ڊي چوڪ سانحي بعد عمران خان بابت متضاد خبرن جو سلسلو شروع ٿيو هو جيڪو هنن ملاقاتن بعد هاڻ ختم ٿي چڪو آهي.عمران خان پاران حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪاميٽي به ظاهر ڪري ٿي ته پي ٽي آءِ به هاڻ طاقتور ڌرين لاءِ نرم رويو رکي ٿو.وڏي ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جا پراڻا اڳواڻ عمر اسد ۽ ٻيا پڻ پارٽي ۾ ٻيهر شامل ٿي رهيا آهن.عمر اسد هن ڏس ۾ پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا آهن.

جڏهن کان قومي حڪومت جي قيام واريون ڳالهيون سامهون آيون آهن تڏهن کان پي ٽي آءِ جو اڳوڻو باغي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل ووڊا به پنهنجي سخت بيانن سان گڏ منظرعام تي آيل آهي جنهن جي بيانن مان به لڳي ٿو ته ملڪ ۾ هاڻ قومي حڪومت اڻٽر آهي جنهن لاءِ فريم ورڪ تي غور هلي رهيو آهي.فيصل ووڊا هن وقت ن ليگ جي روين ۽ سياست کان سخت ناراض نظر اچي ٿو جنهن پنهنجي هڪ بيان ۾ اهو به چئي چڪو آهي ته پي ٽي آءِ نه ته پوءِ ن ليگ به نه.سياسي حلقن موجب هاڻ ڪا ٽين ڌر ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي ۽ جيڪا ڪجهه سال حڪمراني ڪندي ۽ سياسي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پر پي ٽي آءِ شايد ئي ڪنهن ٽين ڌر تي به راضي ٿئي جو هن جو اهو اعلان ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا مک مطالبا جن ۾ پي ٽي آءِ جا سياسي قيدي آزاد ڪرڻ مٿن لاڳو ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ مينڊنٽ تسليم نه ٿيو ته 14 ڊسمبر کان نافرماني واري احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنهن جو محور پوري دنيا هوندي جتي پرڏيهين کي چيو ويندو ته اهي پاڪستان ڏانهن رقم منتقل نه ڪن.عمران خان جي هن اعلان ۽ ڌمڪي به حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ جون حالتون هن وقت نازڪ مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن خاص ڪري ججن وچ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال ۽ 26 ترميم بعد پئدا ٿيل حالتن عدالتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحي آفريدي ۽ آئيني بئنچ جو سربراهه جسٽس امين الدين حڪومت جي ترجماني ڪندي نظر پيا اچن ايستائين جو اهي پنهنجي سينئر ججن جسٽس سيد منصور حسين مبيب اختر ۽ ٻين جي به نٿا ٻڌن ايتري قدر جو جسٽس سيد منصور حسين شاهه جي لکيل خطن ۽ فل ڪورٽ اجلاس سڏائڻ جو به منفي جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن سان 26 آئيني ترميم خلاف درخواستون عدالت ۾ بي يارو مددگار پيل آهن جن لاءِ قانوندان چون ٿا ته هنن درخواستن تي شنوائي نه ٿيڻ خود غيرآئيني عمل آهي ۽ جيڪڏهن اهي شنوائي لاءِ لڳن ٿيون ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحي آفريدي سربراهه آئيني جسٽس امين الدين خان ٻڌڻي جو حصو نٿا ٿي سگهن جو اهي خود بينيفشريز آهن.بهرحال 26 آئيني ترميم بعد عدالتون هڪ هنڌ ٽنگيل ۽ انصاف لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهن.جڏهن ڪا نئين اسيمبلي ۽ سينيٽ اچن جنهن کانپوءِ ئي عدالتن جو انتظام درست ٿي سگهي باقي في الحال نظر نٿو اچي اهو به ممڪن آهي ته اڳتي هلي وري جو صدارتي آرڊيننس اچي ۽ عدالتي نظام ٻيهر پنهنجي رستي تي اچي نه ته هر معمولي ڪيس به آئيني عدالت هلائيندي رهندي.

بهرحال مولانا فضل الرحمان شهباز شريف بلاول ڀٽو وچ ۾ هلندڙ  رابطا ان ڳالهه جي نشاندهي پيا ڪن ته ملڪ ۾ ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ قومي حڪومت کان بچڻ لاءِ ۽ موجوده نظام کي هلڻ ڏيڻ لاءِ مشورا پيا ٿين پر مولانا جي هڪ ئي هوڏ اها آهي ته نيون چونڊون ڪرايو جنهن تي پي ٽي آءِ به متفق آهي.ملڪ هن وقت جنهن سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي قومي حڪومت ان جو ڪنهن به ريت حل ناهي جو ان سان به معاشي مسئلا پئدا ٿيندا.سياسي مسئلن جو حل سياسي ۽ جمهوريت ۾ آهي جنهن لاءِ ملڪ اندر نين چونڊن جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ متفق آهن باقي مولانا ۽ صدر زرداري سان ملاقاتن جو سلسلو وقت وڃائڻ آهي ڪو به فائدو نه ملندو.خدا نه ڪري پي ٽي آءِ کي ٻيهر اقتدار ملي اها ڊي چوڪ سانحي جي ذميوارن خلاف ڪيس ضرور هلائيندي ڪنهن به قسم جو رليف ن ليگ کي ملي نه سگهندو سواءِ ان جي ته جا اڳواڻ لنڊن ۽ دبئي وڃي وسائين.ملڪ مان انتقامي سياست جو خاتمو بهترين جمهوريت جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.