چمبڙ جنهن ۾ هر غيرقانوني ڪم ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيڻ بدرا وڌي رهيو آهي ۽ ڪيترائي سفيد پوش ماڻهو انهي ڪم ۾ شامل آهن، سموري تعلقي ۾ جتي منشيات جو وڪرو جاري آهي ۽ منشيات واپرائڻ سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن اتي وري وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاسي خودڪشيون ڪرڻ وارن ماڻهن جو به گهڻو تعداد آهي. تقريبن پوري تعلقي چمبڙ جا سرڪاري ملازم خاص ڪري ننڍا ملازم وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاسي پنهنجو الهه تلهه وڪرو ڪري چڪا آهن.
وياج خورن وياج ڏيڻ کان پهرين وياج وٺندڙ سرڪاري ملازم کان ضمانت طور ان جو چيڪ بڪ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ وٺندا آهن ۽ انهيءَ سان گڏ هڪ قسم نامو به جنهن ۾ هو دڪان جو سامان کڻڻ، ڪار، موٽرسائيڪل يا ٻي ڪنهن شئي کڻڻ جي لکت ڪندا آهن ۽ ٻه شاهد جيڪي وياج خورن جا پنهنجا ساٿي هوندا آهن اهي شاهد ڪندا آهن، ۽ جڏهن سرڪاري ملازم وياج خور جي نه کٽندڙ وياج مان بيزار ٿي وياج ڏيڻ کان انڪار ڪندو آهي ته وياج خور اهو قسم نامو کڻي پوليس اسٽيشن پهچي ان تي اين سي ڪٽرائيندا آهن ۽ پوليس سان ته پهرين به انهن جي سيٽنگ ٿيل هوندي آهي ۽ پوليس ان جواز تي سرڪاري ملازم کي ٿاڻي تي گهرائي هراسان ڪندي آهي.
ايئن اهو سرڪاري ملازم جيڪو وياج خور کي پهرين به لکين روپيا ڏئي چڪو هوندو آهي اهو هڪ دفعو ٻيهر وياج خور کي لکين روپيا ڏيندو آهي ۽ گڏوگڏ پوليس به ان کان خرچي وٺندي آهي، آئون اوهان کي ٻڌائيندي هلان ته چمبڙ جا ڪيترائي سفيد پوش ماڻهو، هندو، مسلم سيٺ به انهي وياج جهڙي ڪڌي ڪاروبار ۾ شامل آهن ، ڪيترائي دفعا وياج خورن جي ستايل ماڻهن احتجاج به ڪيا آهن پر افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو چمبڙ ٿاڻي ۾ هڪ به ايف آءِ آر وياج خورن تي داخل ناهي ٿي سگهي.
چمبڙ ۾ وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاسي ڪيترائي ماڻهو خودڪشيون به ڪري چڪا آهن، ايتري قدر جو اجتماعي خودڪشين جا واقعا به ٿيا آهن، هر ماڻهو کي خبر هوندي آهي ته انهيءَ خودڪشي جو ڪارڻ وياج آهي پر انتظاميا هر ٿيندڙ خودڪشي کي گهريلو مسئلو ڄاڻائي معاملي کي لئه مٽي ڪري ڇڏيندي آهي. چمبڙ اهو بدنصيب تعلقو آهي جنهن ۾ هڪ سال اندر 66 ماڻهو خودڪشي ڪري چڪا آهن پر اهي انگ اکر به رورل هيلٿ سينٽر جا آهن جن ماڻهن خودڪشي ڪئي ۽ پوليس انهن جي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو. پر اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جيڪي رپورٽ ٿي ناهن سگهيا.
چمبڙ ۾ وياج خور وياج تي صرف ڪيش رقم ناهن ڏيندا پر ڪيش رقم سان گڏوگڏ موبائل، ڪارون، موٽرسائيڪلون ، ڀاڻ ، زرعي دوائون ، ڊيزل، پيٽرول به وياج تي ڏيندا آهن، مثال طور ڪنهن آبادگار ڪنهن سيٺ کان 50 ليٽر ڊيزل ورتو ته انهي ڊيزل جا پئسا فصل لهڻ تائين ڏينهن يا مهينن جو حساب ڪري وياج لڳائي پوءِ کانئن وصول ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڀاڻ، ٻج، زرعي دوا ورتي ته ان سان به اهو ساڳيو حساب ڪيو ويندو پر هڪ شئي مختلف هوندي ته اهو سيٺ انهيءَ آبادگار کي چوندو آهي ته هڪ شرط اهو سڀ ڪجهه ڏيندس ته فصل مون کي ڏيندي مطلب مون کي وڪرو ڪندي ۽ آبادگار مجبوري ۾ فصل ان کي ڏيندو آهي، ۽ پوءِ اهو سيٺ پنهنجي من پسند قيمت تي اهو خريد ڪندو آهي ۽ آبادگار ويچارو هٿ مليندي رهجي ويندو آهي.
ڪجهه ڏينهن پهرين چمبڙ جي رهواسي وياج خور ماستر جي ظلم کان تنگ ٿي ڀٽو ڪولهي ڊي ايس پي کي درخواست ڏني ۽ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مون وياج خور کان 11 مڻ ويهه ڪلو ڪڻڪ ورتي هئي جنهن جا پنجاهه هزار ڏيئي چڪو آهيان ۽ وياج خور اڃان به وڌيڪ هزارين رپيا طلبي رهيو آهي ۽ ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي.
وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاٿل هڪ ملازم ٻڌايو ته مون بيماري جي ڪري سخت مجبوري ۾ سيٺ کان 40 هزار روپيا کنيا ، جنهن مون کان چيڪ بڪ ورتو ۽ ان چيڪ تي مون کان صحي ۽ اڱوٺو ورتائين پر رقم نه لکيائين ، ۽ مون کان اي ٽي ايم ڪارڊ به ورتائين جيڪو هر مهيني منهنجي پگهار پاڻ اي ٽي ايم وسيلي ڪڍرائيندو هو ۽ ان مان 15 هزار پاڻ رکندو هو باقي مون کي ڏيندو هو، اهو سسٽم گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال تائين هلندو رهيو ، هڪ ڏينهن مون ان کي چيو ته هاڻ ته اوهان جا پئسا واپس ۽ وياج به ختم ٿي ويو هوندو هاڻ آئون وڌيڪ پئسا نه ڏيندس ، ائين چئي مون پنهنجو اي ٽي ايم نئون ڪڍرائي ورتو جنهن تان ڪاوڙجي ان وياج خور مون تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته هن مون کان چار مينهون ورتيون هيون ۽ هن فلاڻي تاريخ جو چيڪ ڏنو هو آئون چيڪ کڻي رقم ڪڍرائڻ لاءِ بئنڪ ويس ان جي اڪائونٽ ۾ ئي پئسا نه هئا، چيڪ بائونس ٿي ويو مون کي ايف آءِ آر جو آرڊر ڏيو، ائين مون تي ايف آءِ آر جو آرڊر ٿي ويو. اهڙا ڪيترائي ملازم آهن جن کي وياج خور بليڪ ميل ڪيو وتن ۽ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي وياج خورن خلاف آواز اٿارين ٿا ته انهن کي انتظاميا وسيلي هراسان ڪري چپ ڪرايو ويندو آهي، پوليس سميت لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي گهرجي ته چمبڙ ۾ وياج خورن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏين ته جيئن ماڻهو وياج خورن جي چنبي ۾ ڦاسي خودڪشيون ڪرڻ کان بچي سگهن.