تازو حزبالله ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي جا الزام ھنيا پيا وڃن. معاھدي جي ڀڃڪڙي جو الزام ھڻي اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ ڪرفيو ھڻي ڇڏيو آھي.
اسرائيل جو چوڻ آهي ته حزب الله ڀڃڪڙي ڪئي آهي.ٻئي پاسي لبناني فوج الزام لڳايو آهي ته اسرائيل اربع ۽ خميس تي ”ڪيترئي ڀيرا“ جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ جنگبندي تي عمل اربع تي شروع ٿيو ھو.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، لبناني فوج اسرائيل تي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ۽ مختلف هٿيارن سان لبناني علائقي کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو.ان۾وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج ڪيترائي ڀيرا جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان کان اڳ اسرائيل چيو هو ته هن ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي سرگرمين جو پتو لڳائڻ کانپوءِ ڪارروائي ڪئي آهي.
لبناني فوج موجب اسرائيل سان ٿيل ڀڃڪڙي ٿي ڳاليھون ڪيون پيون وڃن.اسرائيل جي دعويٰ موجب حزب الله ڏکڻ لبنان ۾ فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي . اسرائيلي دفاعي قوتن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته انهن ڪيترن ئي حزب الله ويڙهاڪن تي فائرنگ ڪئي، جن مان ڪجهه گاڏين ۾ آيا ھئا.لبنان جو چوڻ آھي تھ لبنان ۾ ھڪ مشڪوڪ جهاز جي موجودگي بعد ان تي ميزائيل فائر ڪيو ويو ھو.لبنان جي خابرو ايجنسي اين اين اي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز خميس جي صبح بھ ڏکڻ لبنان جي شهر مرڪبا تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ هڪ ٽينڪ وزاني ۽ ڪفر شوبا جي ڳوٺن تي پڻ فائرنگ ڪئي ھئي. اهي ڳوٺ اسرائيل جي سرحد جي ويجهو واقع آهن. اربع کان لاڳو ٿيندڙ جنگبندي موجب حزب الله جي ويڙهاڪن کي درياھ ليتاني کان پوئتي ھٽڻو آھي.اھو درياھ اسرائيل جي سرحد سان اٽڪل 30 ڪلوميٽر اتر طرف. واقع آھي.
لبناني اختيارين سرحد جي ڀرسان شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين کي خبردار ڪيو آهي ته اھي اسرائيلي فوج جي واپسي مڪمل ٿيڻ تائين پنھنجي گھرن ۾ واپس نھ وڃن. معاهدي تحت اسرائيل ايندڙ 60 ڏينهن اندر اتان پنهنجي فوج واپس گهرائي وٺندو.اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته جيڪڏهن حزب الله جنگبندي معاهدي جي شرطن تي عمل نه ڪيو ته اسرائيل ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.اسرائيلي فوج جي ترجمان لبناني شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته لبنان جي ان حصي ۾ رات جو ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي جتان حزب الله فورسز کي واپس وڃڻو آهي.