”موهن جي دڙي جو ماڻهو“ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي  

تحرير: نزاڪت علي سومرو

تحريڪ آزاديءَ جو اهم اڳواڻ، مشهور ليکڪ ۽ وڪيل ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 03 مئي 1920ع تي دنيا جي عظيم مھذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي جي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي تعلقي لب درياهه "ڏوڪري” ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنور مل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو سوڀراج پٽ تنور مل گيانچنداڻي آهي هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ انگريزي تعليم اي وي اسڪول قمبر ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ مئٽرڪ 1937ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي، انٽر 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ بي اي شانتي نڪيتن 1941ع ۾ پاس ڪيائين. شانتي نڪيتن درسگاه جو بنياد عظيم مهاڪوي رويندر ناٿ ٽيگور رکيو.

1942ع ۾ ايس ايم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي جيڪا مسلسل تحريڪن ۽ جيلن سبب مڪمل نه ڪري سگهيو، جيڪا پوءِ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت جي شروعات ڪئي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي مهاتما گانڌي جي شخصيت مان ڏاڍو متاثر ٿيو.

1944ع ڌاري ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ڪامريڊ مجتبيٰ کان متاثر ٿي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ جي ڪري 1954ع کان 1966ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس حيدرآباد مان گرفتار ڪري وري به جيل ۾ رکيو ويو.

ڪامريڊ سوڀو  گيانچنداڻي ڪيترائي دفعا جيل ڪاٽيو. هي 1944ع ڌاري جيل ۾ هو  ته  ان وقت هيمون ڪالاڻي کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. 1947ع ۾ پاڪستان، هندستان ٺهڻ وقت سوڀو گيانچنداڻي جا سڀ دوست ۽ مائٽن هندستان هليا ويا پر سوڀي پنهنجن سڀني دوستن توڙي مائٽن کي ڇڏي سنڌ کي مٺو ڪري هميشه لاءِ سنڌ ڌرتيءَ تي ئي رهي ڌرتيءَ سان محبت جو عظيم اظهار ڪيو. جنهن سبب سنڌ واسين ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ”ڌرتيءَ جو پٽ“ وارو لقب ڏنو. جنهن تي ڪامريڊ کي فخر هو. ٽئگور  کيس ”موهن جي دڙي جو ماڻهو“ جي نالي سان سڏيندو هو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي ڌرتي جي مظلوم انسان لاءِ حق جو آواز بلند ڪندو رهيو.

شيخ اياز جي چواڻي  ته سوڀي گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت ڪنھن ٻئي ماءُ جي لال ۾ ورلي ڏٺي آهي، جيڪو  ڄڻ پهاڙ آهي جيڪو هر آنڌي هر طوفان ۾ اڏول بيٺل آهي.ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي جي ڪتابن ۾ تاريخ ڳالهائي ٿي، "سنڌي ساهت گهر 1994ع ڪڏهن بهار ايندو، وڏي وٿ هئام،1997ع  تاريخ جا وساريل ورق، 1992ع سڀ ڪتاب سنڌي ساهت گهر پاران شايع ڪيا ويا آهن، روشني جي پنڌ ۾” آتم ڪٿا "ان کان علاوه سندس سنڌي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ اهم مضمون تحرير ٿيل آهن. هن ترقي پسند اديب، ڪميونسٽ، وڪيل ۽ڪهاڻيڪار ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 08 ڊسمبر 1914ع تي وفات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.