ملڪ رياض جو دبئي ۾ جديد شهر اڏڻ جو اعلان

دبئي (م ڊ) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض گڏيل عرب امارات جي شهر دبئي ۾ جديد شهر اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ بحريا ٽائون ۽ دبئي ايوي ايشن سٽي وچ ۾ معاهدو پڻ ڪيو ويو. المڪتوم عالمي هوائي اڏي جي ويجهو جديد ماسٽر پلانڊ ڪميونٽي جي اڏاوت جو منصوبو عالمي معيار جي رهائشي ۽ ڪمرشل سهولتون ڏيندو. پراجيڪٽ جديد ولائن، ٽائون هائوسن ۽ اپارٽمنٽن تي ٻڌل هوندو. بحريا ٽائون جو جديد تعليمي، طبي ۽ تفريحي سهولتن سان گڏ دبئي ڏکڻ کي عالمي سيڙپڪاري جو پرڪشش مرڪز بڻجندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.