جرمن ناول نگار فرانز ڪافڪا جي بقول ”اهو صرف انھن جي بيوقوفيءَ جي ڪري ئي ٿيو آھي، اھي پاڻ تي ايترو گھڻو اعتماد ڪندا آھن“اڌ رات گذري چڪي هئي جڏهن گهرو وزير ڊي چوڪ تي بيھي فخر سان اعلان ڪيو ته بنا گولي ھلائڻ جي راڄڌاني مظاهرين کان خالي ڪرائي ورتي آهي.ان جي پٺيان اھو ڪنٽينر پڻ ڏسي سگھجي ٿو،جنهن ۾ ڪجھه گھڙيون اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت سوار ھئي،جيڪو ھاڻي باهه جي شعلن ۾ سڙي رھيو ھو، جڏهن ته گاڏين جو وڏو انگ موجود هو، جيڪي مظاهرو ڪندڙ ڀڄندي پوئتي ڇڏي ويا ھئا. 26 نومبر جي رات جو پيش آيل واقعا گهرو وزير جي دعوائنابتڙ انتھائي مختلف ڪهاڻيون ٻڌائي رھيا ھئا.اھا بنا شڪ رت سان رڱيل سڀ کان بدترين رات هئي.جنھن جو راڄڌاني جي تاريخ ۾ ڪو مثال نھ ٿو ملي تھ جڏھن سيڪيورٽي فورسز پاران مبينا طور تي وڏي تعداد ۾ مظاهرين تي فائرنگ ڪئي وئي.
اطلاع آھن تھ گھٽ ۾ گھٽ ان حادثي ۾ 12 ڄڻن حياتي وڃائي آھي. پر ٻڏتر جي شڪار حڪومت جي ان ’فتح‘ جي لاءِ انھن کي وڏي قيمت چڪائڻي پئي. طاقت جو استعمال ڪري شايد اھي مڇريل ميڙ ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھجن، پر ان رتوڇاڻ واقعي ملڪ کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري ڇڏيو ۽ افراتفري جي صورتحال ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي.ان واقعي پي ٽي آءِ جي خامين کي به پڌرو ڪري ڇڏيو، جيڪا هاڻي مڪمل طور تي ڇڙوڇڙ ٿيل حالت ۾ نظر اچي رهي آهي. عوام جي وسيع حمايت جي باوجود پارٽي اندروني طور تي ورهاست ۽ انتشار جو شڪار آھي. لانگ مارچ جي ُپُرتشدد پڄاڻي ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ گرفتاريءَ به پي ٽي آءِ کي وڏو ڌڪ رسايو آهي. بھرحال ٻنهي ڌرين کي نقصان کڻڻو پيو آهي ڇو ته حڪومت هن قدم سان عوام جو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي.
انتظاميا جي ترديد باوجود ڪجهه تصديق ٿيل رپورٽن ۾ مارجي ويلن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن. ايتري تائين جو، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله به ڪريڪ ڊائون ۾ مارجي ويلن جو اعتراف ڪيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي مارجڻ جا به اطلاع آهن.ورچوئل سينسر شپ جو سلسلو به جاري آهي جنهن سبب ان سان لاڳاپيل خبرن جو مڪمل بليڪ آئوٽ آهي. پابندين ميڊيا کي مجبور ڪيو ته اھا، ھن واقعي جي حوالي سان صرف حڪومتي بياني جي پروپيگنڊا ڪري. انھن سمورن عنصرن،آمراڻي دور جي بندش جي يادگيري کي تازو ڪري ڇڏيو آھي.
سينيئر صحافي ۽ وي لاگر مطيع الله جان، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ھٿيارن جي استعمال بابت تحقيق ڪري رھيو ھو، ان کي منشيات رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ھن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏيو ته حڪومت نه ٿي چاهي ته 26 نومبر جو واقعو رپورٽ ٿئي. هن کي بعد ۾ ضمانت ملي وئي پر هن جي گرفتاري انهن ماڻهن لاءِ تنبيهھ جو ڪم ڪيو جيڪي ان معاملي کي کرچڻ /کوٽڻ پئي چاھيو.
سوشل ميڊيا جي دور ۾ آواز کي دٻائڻ آسان نھ آهي، جيتوڻيڪ حڪومت ڊجيٽل مواد تي پابندي لڳائڻ جي لاءِ فائر وال ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. ٻئي طرف، سائبر ڪرائم ايڪٽ کي ٻيهر نافذ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي،جنھن تحت سوشل ميڊيا جي چوڌاريءَ حڪومت جي گرفت کي سخت ٿيندي، پر حقيقت کي لڪائڻ ايترو آسان نه هوندو.
26 نومبر جي ڪاررواين کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾، حڪومت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ پروپيگنڊا مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو پيو وڃي.جنهن افغان تربيت يافته ويڙهاڪن جي مدد سان راڄڌاني تي حملو ڪيو. اهڙي مذموم مهم سان حقيقتون تبديل نه ٿينديون.ان سڄي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪراءُ واري سياست ۽ راڄڌاني جي ريڊ زون تي ڪاھي اچڻ جي رٿابندي کي درست قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ نه ئي حڪومت طرفان مخالف ڌر کي راڄڌاني ۾ ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار کي واکاڻي سگھجي ٿو.
جنھن جي لاءِ هنن موٽر ويز ۽ هاءِ ويز کي بند ڪيو تھ جيئن مظاھرو ڪندڙ اڳتي نھ وڌي سگھن. ان فيصلي، پي ٽي آءِ کي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀڙڪايو، جمهوري حقن تي پابندي لڳائڻ سان صرف انتهاپسندي جنم وٺي ٿي. جنهن جا نتيجا ُپرتشدد جھڙپن جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا.مبينا طور تي بي ھٿيار مظاهرين جي مارجڻ جي لاءِ حڪومت جو ڪوبھ جواز قبولڻ جوڳو نھ آهي. ان سان توازن کي وڌيڪ بگاڙيو ويو آھي. احتجاج ته ختم ٿي ويو آهي پر 26 نومبر جي رات واري واقعن جو ڊگهي مدي تائين اثر پوندو. جيڪي ملڪ جي سياسي منظرنامي تي ظاهر ٿيندا.ان کان ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته، ڪجهه وفاقي وزيرن پاران ڏنل بيانن ۾ مظاھرين کي نسلي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . اها ڳالهه شايد ڪنهن حد تائين درست به ٿي سگهي ٿي ڇو ته مظاهرين جي اڪثريت جو تعلق خيبرپختونخواهه سان هو پر مظاهري ۾ پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان به ماڻهن شرڪت ڪئي ھئي. مظاهري کي تعصب جو رنگ ڏيڻ سنگين غلطي آهي.
حڪومت جي تازن ڪارنامن جو دفاع ڪندڙ اھا ڳالهه قبول ڪرڻ کان قاصر آهن ته فيبروري ۾ مينڊيٽ جي چوري ۽ انھن جي غير جمهوري عملن جهڙوڪ آئين جي پائمالي ۽ سينيئر اپوزيشن اڳواڻن کي قيد ۾ رکڻ واري عمل عوام جي اندر حڪومت خلاف بي اعتمادي کي وڌايو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اڃا تائين سينيٽ جون چونڊون نه ٿي سگهيون آهن، جنهن سبب اھو صوبو جتي ،پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي ، مٿين ايوان ۾ نمائندگيءَ کان محروم آھي. سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي باوجود، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ، کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون. وئي.
حڪومت جي ھٺ ڌرمي ۽ جمهوري ماحول سوڙھي ڪرڻ سبب سياسي ماحول ُپرتشدد ٿيندو آھي.جيڪو ملڪ جي سياسي نظام لاءِ سخت خطرو بڻجي ٿو. اسان ماضي ۾ به ملڪ جي راڄڌاني ۾ احتجاج ٿيندي ڏٺا آھن.پر رياست ڪڏهن به انهن خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو آهي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي سنگين صورتحال ڳالھين جا اھي سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن،جيڪي سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهيا پئي.
سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي. اهي ٻئي عمل پنھنجي طور تي ملڪ جي وحدت ۽ سياسي استحڪام لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا. ايستائين جو اهڙن قدمن جي تجويز ڏيڻ سان به تڪرار وڌي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ جي مظاهري جي ناڪامي تي خوش ٿيڻ بدران حڪومت کي سياسي ڇڪ ڇڪان ۽ گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي.حڪومت پاران تشدد جو رستو اختيار ڪرڻ سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. وقت جي تقاضا اها آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي ٽڪراءُ واري پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ ڳالهين جي ميز تي اچي. تشدد جي سياست سان رڳو غير جمهوري قوتون ئي مضبوط ٿينديون. موجود حالتن کي درست ڪرڻ جي ذميداري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي.