ماڻهن کي جنن کان خوف رڳو پنهنجي ملڪن ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو، پر اهڙو انڌير وري شايد ئي ڪاٿي ٿئي جو سڄي ڳوٺ جو ڳوٺ خوف ۾ وٺجي وڃي ۽ ڪو به همت نه ڪري سگهي.
ٿائيلينڊ ۾ هڪ همراهه کوهه ۾ ڪري پيو ۽ اتان جي ڊڄڻي ماڻهن جي ڪري هو ٽن ڏينهن تائين کوهه ۾ بچايو بچايو جون رڙيون ڪندو رهيو پر مجال آ جو ڪير سندس مدد ڪري.
لڳاتار ٽي ڏينهن کوهه ۾ گذاريندڙ همراهه کي معجزاتي طور بچايو ۽ نڪرڻ کانپوءِ همراهه مئو مئو بچڻ تي خوشيءَ ۾ ماپي ئي نه پيو، چڱائي اها جو اهو کوهه سُڪل هو.
اهڙو واقعو صوبي تاڪ جي علائقي مائي سوٽ ۾ پيش آيو، پوليس موجب هڪ چيني شهري سڪل کوهه ۾ ڪري پيو ۽ انهن جي مدد واري سڏن کي ماڻهو جن جو آواز سمجهي پري ڀڄندا رهيا.
پرڏيهي خابرو موجب پوليس ٻڌايو ته ماڻهن کي چوويهه نومبر تي جهنگ مان عجيب آواز آيا ۽ اهي ماڻهو ان آواز کي جنن جو خوف وٺجي ويا.
ٽن ڏينهن کانپوءِ علائقي واسين وري به پاڻ همت نه ڪئي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي معاملي جي جاچ ڪئي ته هڪ شهريءَ کي کوهه ۾ ڪريل ڏٺو ۽ اڌ ڪلاڪ جي محنت کانپوءِ کيس بچائي ورتو.
پوليس ٻڌايو ته متاثر همراهه جي هڪ پاسيري ڀڳل هئي ۽ جسم تي رهڙن جا نشان هئا، سندس حالت تمام خراب هئي، کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ويهه سالن جي ليو چونيائي همراهه ٻڌايو ته بنا کائڻ پيئڻ جي ٽي ڏينهن کوهه ۾ رهيو آهيان، پنهنجي طاقت بچائڻ لاءِ رڳو هر ڪلاڪ کانپوءِ هڪ ڀيرو مدد لاءِ سڏ ڪندو هئيس.
همراهه جي حالت هاڻي بهتر ٻڌائي پئي وڃي، اختيارين ٻيهر اهڙي واقعي کان بچڻ لاءِ کوهه کي ئي بند ڪري ڇڏيو.