سنڌي ادبي ميلن جي وڌ کان وڌ همت افزائي ۽ قدرداني ڪرڻ گهرجي

جدلياتي ۽ تاريخي  ماديت جي اصول تحت ڏسجي ته وقت جي اڳتي وڌڻ واري رفتار سان انساني سماج به ارتقائي مرحلن مان گذرندي ترقي جي نت نئين منزلن تي پهچندو آهي. انساني سماج جي ترقيءَ جي آخري منزل ڪهڙي آهي سا به جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جو سائنسي اصول ئي طئي ڪندو. سنڌي قوم جو سفر وري بظاهر ان سائنسي اصول جي ابتڙ مهين جي دڙي جي عظيم سڀيتا  واري سماجي ترقيءَ کان ڪرندي تنزلي ڏانهن سفر ڪندي نظر ٿو اچي ۽ سنڌي قوم جيڪا 10 هزار ورهيه اڳ تهذيب يافته هئي سا اڄ ماضيءَ جي ان عظيم دور جي بحالي جي جدوجهد ۾ نظر اچي رهي آهي. اُها سنڌ جيڪا ڪنهن دور ۾  آزاد وطن هئي سا اڄ هڪ ننڍڙي صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ هاڻي سنڌ پنهنجي عظيم ماضي ڏانهن موٽ کي ئي پنهنجي منزل  سمجهي ٿي. ان موٽ کي تنزلي ته نٿو چئي سگهجي پر ترقيءَ جي ڏٺل وائٺل رستي تي هلڻ جو ڪو اسرار ئي سمجهي سگهجي ٿو.

ويجهي تاريخ ۾ انگريزن جي دور کانپوءِ واري سنڌي قوم جديد دور ۾ هوندي به ارتقا جي هڪ نئين جاکوڙ ۾ رڌل آهي. ان جاکوڙ ۾ سنڌي قوم جيڪا سياسي ۽ سماجي توڙي شعوري ترقي ڪئي آهي ۽ جيڪا ڪامراني ماڻي آهي تنهن ۾ ان جو سنڌي قوم ٿي جڙڻ، سنڌي ادبي سنگت، سگا جا ادارا قائم ڪرڻ، بمبئي ۾ شامل ٿيل سنڌ جي صوبائي حيثيت وٺڻ، 4 مارچ شاگرد جدوجهد، ون يونٽ ٽوڙڻ، سنڌي ميڊيا جا ادارا قائم ڪرڻ، ساليانو سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ، نياڻين جو تعليمي سفر ۽ ترقي جي شاهراهه تي پهچڻ،  سنڌين جو شهرن ۾ اچڻ ، سنڌي ادبي ميلا وغيره ڪرائڻ اهم آهن. اهي ڪامرانيون مستقبل جي ڪنهن منزل بدران ماضي جي تاريخي سڃاڻپ جي بحالي جو سفر سمجهبو.

پر ان سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيو آهي ته سنڌي قوم جي ڪجهه فردن پنهنجن مفادن کي پاڻ ئي ٿڏي ان سفر کي ڍرو ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به محسوس ٿيندو آهي ته سنڌي قوم جي انهن ڪجهه فردن پنهنجي مفاد کي ئي شايد نه  سمجهيو آهي ۽ هڪڙن ذاتي مفادن ۽ رنجشن ڪري قومي مفادن کي ڇيهو رسائي رهيا آهن. ان حوالي سان هتي ٻه مثال ڏئي سگهجن ٿا. سنڌي ثقافت جو ڏينهن هجي يا ادبي ميلا هجن انهن تي جيڪڏهن سنڌي ماڻهو ئي ارها هجن ته ڇا سمجهجي؟  سنڌي ثقافت جي ڏينهن کي صرف ۽ صرف ٽوپي اجرڪ پائڻ ۽ نچڻ جو ڏينهن سمجهيو ويو ۽ سنڌي ادبي ميلن کي پيساڪمائڻ جو سبب ڄاڻائڻ جي پروپنگنڊا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن هجي يا ادبي ميلا انهن تي وري غير سنڌين جو رويو همٿائڻ وارو ۽ اتساهيندڙ رهيو آهي.

سو سنڌي جي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز توڙي ان جي مڙني شاخن کي پڻ ادبي ميلن کي پوءِ ڀلي ان جا منتظم ڪير به هجن تن جي مجموعي مفاد ۾ همت افزائي به ڪرڻ گهرجي ته قدردانيءَ ۾ به فراخ دلي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته اهي عمل عظيم سنڌ جي نئين سر شعوري تعمير ڏانهن قدم آهن. انهن ميلن تي اصلاحي تنقيد بلڪل ڪرڻ گهرجي پر اهڙي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اهو تاثر ملي ته اهي هڪڙن ذاتي مفادن، رنجشن ۽ ساڙ وغيره ڪري نه رڳو ميلن جي منتظمين کي دل برداشته ڪن ٿا پر ادبي ميلن کي ڦٽائڻ جي شايد ڪنهن سازش ۾  ملوث هجن ٿا. هتي هڪ تاثر اهو به ملي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن اديب يا دانشور کي ڪنهن ادبي ميلي ۾ ڪو سيشن نه ٿو ملي ڪا اسٽيج نه ٿي ملي ته اهي ميلي کي ناڪام ۽ جي  موقعو ملي ٿو ته ان کي ڪامياب سمجهندا  آهن. اهڙو تاثر نه جڙڻ گهرجي ٻيو ته ميلي جي منتظمين کي خاص ڪري ادبي ميلن جي مفاد ۾ جائز يا ناجائز تنقيد کي برداشت ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اهي ادبي ميلا اصل ۾ عوام لاءِ ڪجن ٿا تنهن ڪري سندن شڪايتن، اعتراضن، مهڻن ۽ سوالن تي ارهو نه ٿيڻ گهرجي. ائين تنقيد ڪندڙن کي به سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به ڪير ڪم ڪندو ته ضرور ان ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي ويندي، ٻيو ته منتظمين به ان ڳالهه جو خاص خيال ڪندا آهن ته سندن ميلي جو مقصد نه فوت ٿي وڃي تنهن ڪري اهي اعتماد وارن ماڻهن کي  اسٽيج ڏيڻ چاهيندا آهن. تنقيد ڪندڙن کي اهو به خيال ڪرڻ گهرجي ته ڪو هي پهريون ۽ آخري ميلو ناهي، ضرور واري واري سان سڀني کي موقعو ملندو. جنهن ادبي شخصيت يا حلقي وٽ وڌيڪ سٺي ميلي جون تجويزون آهن ته اهي پاڻ به ادبي ميلو ڪرائي سگهن ٿا.

چوڻ جو مطلب ته اهو آهي ته انهن سنڌي ادبي ميلن کي مٿي ڄاڻايل سنڌ جي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجڻ گهرجي ۽ هر ان قدم کي اتساهڻ گهرجي ۽ ان جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي جنهن سان سنڌ جي قومي وجود، سنڌي قوم، سنڌي ٻوليءَ کي فائدو رسندو هجي. اسان کي ياد آهي ته جڏهن ڪراچي ۾ اردو لٽريچر فيسٽيول ٿيندو هو ته انهن کي ڏسي سنڌي اديبن کي خيال ايندو هو ته جيڪر  ايئن سنڌي ادبي ميلا به ٿين ۽ پوءِ اسان ڏٺوسين ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن سميت سڄي سنڌ ۾ ادبي ميلا ٿيڻ لڳا. جنهن جا جيڪڏهن فائدا ڳڻائبا ته اهڙا الائي ڪيترا  ايڊيٽوريل ٿي ويندا. سو اچو ته سڀ سنڌي ادبي ميلن کي سنڌ جي مفاد ۾ سمجهي ڪري انهن جي همت افزائي به ڪريون ته انهن جي قدرداني به ڪريون ۽ اهڙي ڪا مهم جوئي نه ڪريون جنهن سان اهي ميلا ڦٽي وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.