ڊسمبر جي مهيني جي مناسبت سان شاعر وڇوڙن جا وڍ ۽ راڳي جدائيءَ جا راڳ آلاپيندا آهن. ان جو هڪڙو ڪارڻ ته شايد اهو آهي ته سال جي عددي مدت جي پڄاڻي هن مهيني ۾ ٿيندي آهي. سڄي سال جي انتظار پڄاڻان ڊسمبر ۾ به محبوب جو وصال نه ٿئي ته دل غمناڪ ٿيو وڃي ۽ پوءِ جدائيءَ جا گيت ۽ وڇوڙي جا ورلاپ هوندا آهن. ان کان علاوه ٻيو سبب ويجهيَ ماضيءَ ۾، ڪيترائي سياسي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي اڀ تي جرڪندڙ بينظير ستارا پڻ ڊسمبر ۾ اجهامي ويا. جن جي ياد مداحن جي ساهه سان دم دم سانڍيل آهي. بيشڪ اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي روزِ روشن جيان عيان آهي ته انهن ستارن پنهنجي پونئرن کي اهو دڳ ڏَسيو آهي. جنهن مونجهارن جي اونداهي واٽ ۾ ڏات جي ڏيئن سان ڏياري ڪئي آهي.
ٽيون سبب ڊسمبر اينديَ ئي ٿڌ پڻ زور وٺي ٿي. سياڻن چواڻي : "جيئن ٿڌ تيئن وڌ”. گوياڪه درد ۽ پراڻا ڌڪَ، سڀ ٿڌ ۾ وڌ ٿيو وڃن. سياري جي سرد راتين ۾ محبوب جي ڀاڪر گرمي سگهرن لاءِ سکُ ۽ ڇڙن جا ڇرڪ ڇڏايو ڇڏي. هاءِ ڊسمبر جي گرما گرم سوغات جو پنهنجو مزو ته ڊسمبر جي لباس جا عُشاق گهڻا ڏسبا آهن. تنهن بعد گذريل پندرنهن ورهين کان ڊسمبر جي پهرئين آچر تي سنڌي ثقافتي ميلي جي ڪري اهڙو ماحول جڙي ٿو. جيڪو پنهنجن کي مالڪيءَ جو سڏ ڏئي ٿو ۽ پراون کي به پنهنجو ڪريو ڇڏي. جتي سنڌ جي هُنري ثقافت کي معاشي حوالي سان هن ثقافتي عيد سگهارو ڪيو آهي اُتي ئي سنڌ جي اجرڪ، ٽوپي ۽ پڳ کي ڳوٺن جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ڪراچيءَ جي شاهراهن ۽ دبئي سميت سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو آهي. نه صرف پاڪستان جي وڏن شهرن پر پرڏيهه کان پڻ ٽنڊو محمد خان، ھالا، ڀٽ شاهه، ٿر، ۽ نصير آباد جي هنرمندن کي آرڊر ملڻ لڳا آهن.
هيل ڊسمبر 2024 ۾ سنڌي ميلن جي هڪٻئي پٺيان ائين "ڪڙو منجهه ڪڙي” لڙي جڙي آهي جو ان جو رنگ ئي ڪمال آهي. ڊسمبر جا اهي ميڙاڪا خاص طور تي ثقافتي ورثي کي ملهائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ مشغول ڪرڻ جا بهترين موقعا مهيا ڪن ٿا. پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندر عالمي سنڌي ثقافت جي ميلن جو سلسلو نه فقط سنڌ پر اُتي اُتي ملهايو وڃي ٿو جتي جتي سنڌي آباد آهن. هي سنڌي ثقافت جي اهميت کي اجاگر ڪندڙ ميلا سنڌ جي لباس، ثقافت ۽ ٻوليءَ جا مهندار آهن. ان ئي ڏينهن سنڌ جي سمورن سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي سنڌ جي مارئي جيان سينگاريو ته سورميون سٿ سنڌي ثقافت ڏهاڙو اسلام آباد ۾ ملهائي وفاق کي سنڌ جي امن، ڀائيچاري ۽ پنهنجائپ جي صوفي پيغام جو پرچار ڪيو.
سڄي مهيني ۾ ثقافتي پروگرام ۽ فن جو مظاهرو مختلف تعليمي، سماجي ۽ فلاحي تنظيمن پاران مختلف تاريخن تي رٿيل آهي. 13 ۽ 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ سنڌ صوفي ميلو پڻ هن مهيني جي آهن ترين سرگرمي آهي. جيڪو سنڌ جي صوفي رنگ سان رڱجي ٿو. ۽ ثقافت توڙي فن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. صوفي ميلي حيدرآباد جي منچ تي خاص طور تي سنڌ جي درگاھن کي درسگاهن جي صورت پيش ڪرڻ جو پليٽ فارم آهي. سچل، چيزل، حمل، شاهه ڀٽائي ۽ سمن سرڪار سڄي سنڌ جي صوفين برگن جو آفاقي پيغام درگاهه جي صوفي فقيرن جي نج پڻ رنگ ۾ جڏهن پيش ٿئي ٿو ته اهو سحرانگيز سماء من مستان ڪريو ڇڏي. ان بعد وري 14 ۽ 15 ڊسمبر تي ڪراچيءَ ۾ ستون ايس ايل ايف (سنڌ ادب ميلو) منعقد ٿيڻ جا ڏينهن آهن. جتي ادبي بحث مباحثو ۽ تخليقي سرگرميون ڪمال انداز ۾ ترتيب ڏنيون وڃن ٿيون. ڊسمبر 2024 جي ميلن ۾ هن ميلي جوڳاڻيٽو انهن ميلن آهي جتي قومي ۽ بين الاقوامي سطح جا مختلف شعبن جا ماهر گڏ ٿين ٿا ۽ جتي نوجوانن جو به هڪ وڏو انگ شريڪ ٿئي ٿو. تنهن بعد 20 کان 22 ڊسمبر تائين حيدرآباد ۾ پنهنجو مٽ پاڻ شيخ مبارڪ علي اياز جي نالي سان. منسوب "اياز ميلو” رٿيل آهي. هن ميلي جي سڀ کان اهم ڳالهه سنڌ جي هر شعبي مان نياڻين جي هڪ وڏي انگ ۾ شرڪت آهي. هتي پڻ سنڌي ادب جي مختلف پھلوئن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو وڃي ٿو.
جيئن مون پهرين به عرض ڪيو، ڊسمبر وڇوڙن جو مهينو تصور ڪيو ويندو آهي، پر انهن ميلن جي ذريعي ادبي ماحول کي جيڪا هٿي ملي آهي ۽ نوجوانن کي ثقافتي ورثي سان جڙڻ جو موقعو مليو آهي. تنهن ڊسمبر 2024 کي ميلن جو مهينو بڻائي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه به ٻيا ننڍا وڏا ميڙاڪا ڊسمبر ۾ مچ ڪچهرين جي نالن سان رٿيا وڃن ٿا. اصل. مقصد صرف اهو ته اسانجي ڊجيٽل دور ۾ ايڪرين ٽائيم کي گهٽ ڪنديَ اهڙين گڏجاڻين کي هٿي وٺرائڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي ته جيئن ميل جوک وڌي، مڪالمي جي فضا قائم رهي، هڪٻئي کي روبرو ويهي ٻڌجي، سلجي ڪجهه سيکاري ۽ سوال جي اهميت کي اجاگر ڪجي. سنڌ ان ڏس ٻين سڀني صوبن کان تم گهڻو اڳتي بيٺي آهي. انڪري ئي اسان ۾ سهپ، سجاڳي، مباحثو ۽ رواداري سڀني کان سرس آهي. شال جڙيا هجئون ۽ هنن ميلن کي فقط ساز سنگيت ۽ رقص تائين محدود نه رکئون پر علمي ۽ سائنسي ميدان ۾ پڻ اڳڀرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون.