ھونئن ته ھاف فراءِ يا فل فراءِ جھڙا جملا اسان ھوٽل جي بيري ۽ ھوٽل جي گراھڪن وچ ۾ ٻڌندا آھيو جنھن ۾ گراھڪ ھوٽل جي بيري کي چڪن يعني مرغيءَ جي باري ۾ آرڊر ڏيندي چوندو آھي ته کيس مرغي ھاف فراءِ گھرجي يا فل فراءِ گھرجي پر اھو ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو عمل پوليس پاران ڏوھارين خلاف شروع ڪيو ويو آھي،جنھن ۾ اھي ڏوھاري جيڪي ننڍا ننڍا ڏوھ ڪري جڏھن جيلن ۾ پوندا ھيا جيلن مان آذاد ٿي ٻاھر ايندا ھيا ته ساڳين ڏوھن ۾ مصروف ٿي ويندا ھيا انھن کي ڏوھن کان پري رکڻ ۽ ٻين لاءِ سبق ڇڏڻ لاءِ ان عادي ننڍي ڏوھارين کي ٽنگن ۾ گوليون ھڻي ان کي ھاف فراءِ جو نالو ڏئي اپھاج ڪندا آھن جيڪو ھميشه لاءِ اپھاج بڻجي ڏوھن جي دنيا کان پري ٿي ويندو آھي يا وري ڏوھارين جو سھولتڪار بڻجي ويندو آھي ڇو ته اھڙي ننڍي وڏي ھاف فراءِ ڏوھاري لاءِ صرف ٻه رستا بچندا آھن ھڪڙو اھو ته ھو خاموش ويھي ڏوھارين جي سرپرستي ڪري يعني پاٿاريدار بڻجي ڏوھارين کان ڏوھن جو حصو پتي وٺي پنھنجو گذر سفر جاري رکي ٻيو رستو ان ھاف فراءِ ڏوھاري لاءِ اھيو بچندو آھي ته ھو اپھاجي کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ پنڻ شروع ڪري.
مون اڪثر اھڙا ھاف فراءِ ڏوھاري پنڻ کي عيب سمجھندي ڏوھارين جي سھولتڪاري ڪرڻ کي وڌيڪ اھميت ڏئي پاٿاريدار بڻجندي ڏٺا آھن. پاٿاريدار بڻجڻ کان پوءِ اھڙن ھاف فراءِ ٿيل ڏوھاريء جي ان پاٿاريداري واري عمل ۾ وري پوليس ۽ ڀوتار پير مير شاھ سردار وڏيرا انھن جي سرپرستي ڪندا آھن اھو ان ڪري ته ان ھاف فراءِ ٿيل ڏوھاري وٽ اول ته تر جا ننڍا وڏا ڏوھاري جيڪي سندس ساٿي ھيا اھي رابطي ۾ ھوندا آھن ۽ ان کان صلاح مشورا وٺي ڏوھ ڪندا آھن ڇو ته ھاف فراءِ ٿيئڻ کان پوءِ ان تي ڪنھن جو شڪ به ناھي ھوندو ته ڪو ھو ڏوھن ۽ ڏوھارين سان برابر جو شريڪ ٿي سگھي ٿو،اھڙي طرح اھو معمولي ڳنڍي ڇوڙ چور ھاف فراءِ ٿيئڻ کان پوءِ وڏو ڏوھاري بڻجي پاٿاريدار ٿي ويندو آھي ۽ گھر ويٺي وڏا وڏا ڏوھ ڪرائي اتان ڀنگ حاصل ڪري پنھنجي بقايہ زندگي ٺٺ سان گذاريندو آھي پر اھا ٺٺ ٺانگر واري زندگي اھيو ھاف فراءِ ٿيل معمولي ڏوھاري بطور نمائش جي ايتري ظاھر ناھي ڪندو اھو ان ڪري ته متان ڪو مٿس شڪ ظاھر ڪري ته ھڪ ھاف فراءِ ٿيل ڏوھاري اھيا ٺٺ واري ذندگي گذارڻ لاءِ اھا رقم ڪٿان پيو آڻي،اھڙي طرح پوليس ۽ ڀوتارن جي نظر ۾ ٻيو اھو وڏو ڏوھاري جيڪو وڏا وڏا ڏوھ ڪري ۽ ڪنھن کي به نه مڃي ان کي ھميشه ھميشه رستي تان ھٽائڻ لاءِ فل فراءِ ڪري ان جو باب ئي بند ڪيو ويندو آھي.
قانون جي نظر ۾ هي ٻئي ھاف فراءِ يا فل فراءِ وارا عمل غلط آھن ڇو ته اھيو جھنگ جو قانون چئبو جنھن ۾ ڏوھ ۽ ڏوھارين لاءِ ھيٽ کان مٿي تائين ننڍيون وڏيون عدالتون قائم ٿيل ھجن ٿيون ۽ ان عدالتن ۾ منصف پڻ مقرر ڪيا ويا ھجن ٿا جنھن لاءِ رياست جو آئين ۽ قانون به موجود ھجي ٿو پوءِ به ان آئين ۽ قانون کان ڪو مٿانهون قتل ٿئي جيڪو ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي شڪل ۾ ھجي ته اھو غير قانوني آھي قانون اھڙي عمل جي اجازت نٿو ڏئي
ھي ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو عمل لڳ ڀڳ 1980ع واري دور ۾ شروع ڪيو ويو ھيو جنھن ۾ شھرن اندر لساني فسادن کي جنم ڏنو ويو ھيو سنڌ جي وڏن شھرن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٻوري بند لاشن جو جڏھن سلسلو شروع ٿيو ھيو ان وقت سنڌ پوليس ھاف فراءِ فل فراءِ وارو عمل به شروع ڪيو ھيو جنھن ۾ ان عمل جو جيڪو گرو ھيو اھو ھيو چوڌري اسلم جيڪو پاڻ به ھڪ دھشتگردي واقعي ۾ قتل ٿي ويو ھيو ان کان پوءِ ايس ايس پي رائو انوار الحق جيڪو ھيٽ کان مٿي ترقي ڪري ايس ايس پي بڻيو ھيو جنھن کي ھڪ سياسي جماعت جو آشيرواد ھيو ان به ھن ھاف فراءِ فل فراءِ عمل کي تيز ڪري ڇڏيو اھڙي طرح ھڪ ٻيو وڏو نالو ڊي آءِ جي بلوچ صاحب جو به ھيو جنھن جو شاگرد وري اسلم لانگاھ جيڪو سي آءِ حيدرآباد جو انچارج رھيو ھيو هي ٻئي پوليس عملدار ھڪ بئي جا ساٿاري ھيا ۽ ھن ھاف فراءِ فل فراءِ واري عمل کي تيز ڪندي خوب ناڻون حاصل ڪيو ڇو ته اھيو ھاف فراءِ فل فراءِ وارو عمل اھڙن پوليس عملدارن لاءِ وڏو ڪاروبار بڻجي ويو بااثر سفيد پوش پيرن ميرن شاھن سردارن وڏيرن ۽ ٻين ڪامورن جيڪي ڪجهه سياستدان ھيا ته ڪجهه سياستدانن جا سھولتڪار ھيا انھن ان ھاف فراءِ ڪندڙ پوليس عملدارن جو ڀرپور ساٿ ڏيندي جيڪي به ماڻھون سندن چوڻ نه ڪندا ھيا يا صحيح غلط ڪم ڪرڻ کان انڪاري ھوندا ھيا انھن کي اھي بااثر پنھنجي سھولتڪاري ھيٺ انتقامي طور پوليس عملدارن کان ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرائي ڇڏيندا ھيا،مڃون ٿا ته اھڙن ھاف فراءِ فل فراءِ ٿيندڙ ماڻھن ۾ ننڍا وڏا ڏوھاري به شامل ھوندا پر اسان کي انھن جي ڏوھاري بڻجڻ جو سبب به جانچڻ ۽ پرکڻ گھرجي ته آخر اھڙا نوجوان ڏوھن طرف ڇو ٿا اچن،جنھن لاءِ اڄ تائين اسان اھڙن ڏوھارين جي جانچ پڙتال ڪرڻ جي زحمت ئي ناھي ڪئي.
منھنجي نظر ۾ اڪثر اھڙا ھاف فراءِ فل فراءِ ٿيندڙ ڏوھاري جيڪي ڪجهه ڀوتارن جي رنجش جو شڪار ۽ ڪجهه پوليس کي رشوت نه ڏيئڻ جو شڪار ٿيندي ان ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي اڏيءَ تائين پھچندا آھن،ڪاش اسان جا سنڌ جا بااثر ڀوتار پير مير شاھ سردار سرمائيدار ۽ صنعتڪار اسان جي سنڌ جي اعلي تعليم يافته نوجوانن جو ڏوھن طرف اچڻ تي سوچ ويچار ڪن ته باقاعدي ان نتيجي تي پھچندا ته اڪثر جيڪي به نوجوان پوليس ھٿان ھاف فراءِ يا فل فراءِ ٿين ٿا اھي سڀ جا سڀ روزگار کان محروم ھجن ٿا اھڙا نوجوان جيڪي نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ڊاڪيومينٽس کڻي حيدرآباد ڪراچي جو رخ ڪن ٿا اھي جاب ليس بڻجي مايوس ٿي زندگي گذارڻ لاءِ ڏوھن جي دنيا ۾ قدم رکن ٿا. جيڪڏھن اھڙن ڏوھن جي دنيا ۾ قدم رکڻ وارن اعلي تعليم يافته نوجوانن کي ميرٽ تي رزگار فراھم ڪيو وڃي ته ھوند اھي نوجوان نه ڏوھاري بڻجڻ نه ھاف فراءِ فل فراءِ ٿين مون کوڙ سارا ھاف فراءِ فل فراءِ ٿيل نوجوان يا اڌڙوٽ انتقام جو نشانو به بڻجندي ڏٺا با اثر ڀوتارن پيرن ميرن شاھن سردارن وڏيرن سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي رنجش عيوض ھاف فراءِ فل فراءِ جو شڪار ٿيندي ڏٺا جنھن ۾ ھڪڙو عمر ڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر به ھيو جنھن کي وقت جي ملن پنھنجي اندر جي باھ جھڪي ڪرڻ لاءِ پوليس کي وڏي رقم ڏئي ان کي فل فراءِ ڪرايو ھيو اھڙي طرح رياض زنگيجو جيڪو پنھنجي ٽن ڀيڻن جو اڪيلو پڙھيو لکيو نوجوان ڀاءُ ھيو جيڪو پڻ سکر پوليس ھٿان فل فراءِ ٿيو آھي اھڙن کوڙ فل فراءِ ھاف فراءِ ٿيل بيروزگار نوجوانن سان ڀري پئي آھي جن جو اڄ تائين نه آئين و قانون ساٿ ڏنو نه پيرن ميرن شاھن سردارن وڏيرن ڀوتارن صنعتڪارن سرمائيدارن ساٿ ڏنو ڪاش اھڙن بيروزگار نوجوانن جي جيڪڏھن آئين قانون مدد ڪري ھان يا وري ڏوھن جي دنيا ۾ پھريون قدم رکڻ کان اڳ انھن بيروزگار نوجوانن کي اھي پير مير سرمائيدار صنعتڪار بااثر شاھ سردار روزگار ڏيارين ھان تي شايد اھي نه ڏوھن جي دنيا ۾ پير پائن ھان نه وري پوليس ھٿان ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ جو شڪار ٿين ھا.
قانون جي نظر ۾ هي ٻئي ھاف فراءِ يا فل فراءِ وارا عمل غلط آھن ڇو ته اھيو جھنگ جو قانون چئبو جنھن ۾ ڏوھ ۽ ڏوھارين لاءِ ھيٽ کان مٿي تائين ننڍيون وڏيون عدالتون قائم ٿيل ھجن ٿيون ۽ ان عدالتن ۾ منصف پڻ مقرر ڪيا ويا ھجن ٿا جنھن لاءِ رياست جو آئين ۽ قانون به موجود ھجي ٿو پوءِ به ان آئين ۽ قانون کان ڪو مٿانهون قتل ٿئي جيڪو ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي شڪل ۾ ھجي ته اھو غير قانوني آھي قانون اھڙي عمل جي اجازت نٿو ڏئي. ھي ھاف فراءِ ۽ فل فراءِ وارو عمل لڳ ڀڳ 1980ع واري دور ۾ شروع ڪيو ويو ھيو