مهانگائي بابت حڪمرانن جون دعوائون حقيقتن جي ابتڙ آهن

تحرير: غلام حسين جوڻو

آئون مڃان ٿو ته، عمران خان جي دور ۾، مهانگائي هئي. ان وقت سڄي ملڪ مان مهانگائي جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون پئي. ماڻهو، مهانگائي مان تنگ ٿي چڪا هئا. غريبن جو جيئڻ جنجال  ٿي پيو هو. هڪ طرف اها حالت هئي ته ٻئي طرف سندس، مخالف سياستدان به تاڙ ۾ هئا ته، ڪا تحريڪ هلائجي ۽ کيس گھر يا جيل ڀيڙو ڪجي. سياسي مخالفين هن جي خلاف ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا. احتجاج ڪيا ويا. جن ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. کوڙ پارٽيون به پاڻ ۾ ملي ويون هيون ۽ گڏيل اتحاد ٺاهي ڪراچي کان اسلام آباد تائين ”مهانگائي مارچ“ ڪيو.

ڪجهه وقت لاءِ نالي ماتر جمهوري حڪومت آئي. جنهن جو وزيراعظم شهباز شريف ٿيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٿيو. پر، ان حڪومت ۾ عوام جي هن مسئلي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو. مهانگائي اها ساڳئي برقرار رهي جيڪا نگران حڪومت کي ورثي ۾ ملي. نگران حڪومت عام چونڊن جو اعلان ڪيو. جنهن دوران اڃا وڌيڪ مهانگائي ٿي. چونڊ مهم دوران اميدوارن، عوام کي چيو ته اسان چونڊجي حڪومت ۾ اينداسون ته مهانگائي هڪ اهم مسئلو آهي. جيڪو سڀ کان پهريائين اوليت ۽ ترجيح ڏيئي حل ڪرائينداسون خير چونڊون ٿي گذريون. نگران حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري، لولي لنگڙي جمهوريت ڏيئي وڃي گھر ڀيڙي ٿي. موجوده حڪومت جا پاسبان اچڻ سان چوڻ لڳا ته اسان عوام جي خدمت ڪري سندن قسمت ئي بدلائي ڇڏينداسون. عوام بدحالي مان نڪري خوشحالي طرف وڌڻ لڳندو. ملڪ ترقي ڪندو. عوام جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. خاص ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻي، پورهيت ۽ مزدور طبقي جي زندگي گذارڻ آسان ڪري ڇڏينداسون. عوام کي ڪابه تڪليف ڪونه ڏني ويندي. اسان عوام جا خادم آهيون. عوام جو اسان سان گھاٽو، ڳوڙهو، قريبي ۽ اڻ اٽوٽ تعلق آهي. عوام کي ڪڏهن به نظرانداز ڪونه ڪنداسون. ملڪي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا ۽ عوام جي واهر ڪرڻ ۽ رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪندا رهنداسون. ان ڳالهه تي سڀ کان پهريائين خاص ڌيان ڏينداسون جنهن ۾ عوام جو ڀلو هوندو. عوام جي خوشحالي جي بغير ملڪ ڪڏهن به ترقي ڪري ڪونه سگھندو. ملڪ جي ترقي لاءِ عوام جي خوشحالي لازمي ۽ ضروري آهي. غربت جو مڪمل خاتمو آندو ويندو. مطلب ته عوام کي آسرن، دلاسن ۽ ڏٽن ۾ رکيو ويو آهي. سبز باغ ڏيکاريا ويا آهن. حڪومت جا ڪيل واعدا اڄ ڏينهن تائين پورا ڪونه ٿي سگھيا آهن. حڪومت جي اعلانن تي ڪوبه عمل ٿي ڪونه سگھيو آهي. عوام کي بلڪل وساريو ويو آهي ۽ عوام کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

جيئن ته  مون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو آهي ته، هن وقت ملڪ جو عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو پيو وڃي. پر، حڪمران ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾ سستائي ٿي آهي. مهانگائي تي مڪمل طرح سان ضابطو ڪري چڪا آهيون. هن وقت ملڪ ۾ ڪابه شئيءِ مهانگي اگھه ۾ وڪرو ڪونه ٿي ڪئي وڃي. عوام مان غربت ختم ٿي رهي آهي. آئون سمجهان ٿو ته، اها غلط بياني ڪئي پئي وڃي. حڪمران ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي اهڙا بيان جاري ڪندا وتن. انهن کي زميني حالتن جي ڪابه خبر ڪونه آهي. تنهن ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ۽ بيوقوف بنائي رهيا آهن. اهي پاڻ بنگلن مان ٻاهر نڪري اچي ڏسن ته ڪهڙي شيءِ سستي ٿي آهي. مهانگائي تي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو اٿن. پوءِ سندن غلط بياني ظاهر ٿي پوندي. کين تڏهن احساس ٿيندو. اصل حقيقتون پوءِ ظاهر ٿينديون. حڪمرانن کي معلوم ٿيندو ته عوام ڪيترين مشڪلاتن، ڏکيائين ۽ دشوارين کي منهن ڏيئي رهيو آهي. عوام جو جيئڻ جنجال ٿيندو پيو وڃي. عوام سراپا سورن ۾ آهي ۽ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجندو پيو وڃي. هن وقت انهن جي ڪير به دانهن ڪونه ٿو ٻڌي. واڳ ڌڻي خبر ناهي ته ڪهڙي ڪم ۾ لڳا پيا آهن ۽ مصروف آهن جو کين عوام جي بدترين حالت جي خبر ڪونه پئجي سگھي آهي. اهڙِ معلومات ڪونه ٿي ملين.

تازو، ڳڻپ کاتي طرفان اها دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته، ملڪ ۾ ساڍا ڇهه سال اڳ ۾ جيڪا مهانگائي هئي. سا، هاڻ نه رهي آهي. ان ۾ گھڻي حد تائين گھٽتائي ڏسڻ ۾ اچي پئي. ان جي مقابلي ۾ هن وقت اها بلڪل هيٺين سطح تي اچي ويئي آهي. اها، نومبر مهيني ۾ 4.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي ويئي جڏهن ته آڪٽومبر جي مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 7.2 سيڪڙو هئي. هڪ سال اڳ ۾ اها 29.2 سيڪڙو تي پهچي چڪي هئي. حڪومت جي مسلسل ڪوشش سان مهانگائي 24 سيڪڙو گھٽ ٿي آهي. ان بيان ۾ اهو به اعتراف ڪيو ويو آهي ته، داليون، پٽاٽا، ٽماٽا، بيضا، گيهه، تيل ۽ مڇي جون قيمتون مٿي چڙهيون آهن ۽ مهانگيون ٿيون آهن جيڪي عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو. اهو به چيو ويو آهي ته، ڪڪڙ جو گوشت، دال ماش، چڻن جي دال، بصر، کنڊ، ڳڙ ۽ چانور سستا ٿيا آهن. اها دعويٰ نه رڳو شماريات کاتي ڪئي آهي. پر، ملڪ جي وزيراعظم جناب شهباز شريف به اها ساڳئي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان تي خوشي جو اظهار ڪيو اٿس. مهانگائي تي ضابطي آڻن جو اعتراف پڻ ڪيو اٿس. مطلب ته حڪومت جي نون مهينن دوران مهانگائي ۾ ويهه سيڪڙو وڌيڪ لاٿ ڏيکاري پئي وڃي. ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پئي وڃي. شايد، اها عام ماڻهن کي نظر نه ٿي اچي. پر، حڪمران ڏسي رهيا آهن.

ياد رهي ته اڄ به اها مهانگائي برقرار آهي جيڪا عمران خان جي دور ۾ هئي. ان کان پوءِ شهباز شريف ۽ انوارالحق ڪاڪڙ جي دور ۾ به هئي وري موجوده دور ۾ به آهي. عوام اڄ به عام واهپي جون شيون مهانگيون خريد ڪري پيو. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون آهن. انهن شين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. غريب غربي جي خريد ڪرڻ جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي. منهنجي ڄاڻ موجب مهانگائي ۾ ظاهر طور تي ڪابه لاٿ ڪونه آئي آهي. پر، مهانگائي وڌي پئي. تنهن هوندي به حڪمران چئي رهيا آهن ته، مهانگائي تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي. شايد حڪمرانن کي ڳڻپ کاتي وارا غلط ٻڌائي رهيا آهن ۽ غلط بريفنگ ڏيئي رهيا آهن جنهن ڪري حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪابه خبر چار ڪونه آهي. هو، عوام جي اهنجن ۽ تڪليفن کان ناواقف آهن عوام وٽ اچن ئي ڪونه ٿا ته پوءِ کين ڪهڙي خبر ته ملڪ ۾ ڇا وهي واپري ٿو. عوام جا ڪهڙا حال آهن. اهو سلسلو ائين برقرار رهيو ۽ حڪمران عوام جي مسئلن کان بي خبر رهيا ته پوءِ عوامي مسئلن ۾ واڌ ٿيندي ويندي. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون اڃا به وڌيڪ مهانگيون ٿينديون وينديون. جنهن ڪري عوام لاءِ وڌيڪ تڪليفون ۽ پريشانيون ٿينديون ۽ عوام مونجهارن جو شڪار ٿي ويندو.

هن وقت اها حالت آهي جو، کاڄرو تيل ساڍن پنج سو روپين کان وڌي ويو آهي. ڪابه ڀاڄي في ڪلو ٻه سو روپين کان گھٽ ڪونه ٿي ملي. اٽو، مهانگو ٿيندو پيو وڃي. مطلب ته هر، شيءِ جو اگھ وڌي رهيو آهي ۽ حڪمران مهانگائي گھٽجڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. حڪمرانن جو اهو عجيب منطق آهي. جيڪو اسان کي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. شايد واڳ ڌڻي عوام کي بيوقوف بنائي رهيا آهن. باقي جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، هيءَ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. ڪنهن به قسم جي عوام کي سهولت ڪونه ملي آهي. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ به ماڻهن کي پريشان ڪري رهي آهي. صاف پاڻي به دستياب ڪونه آهي. صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڪونه آهن. عوام انهن سهولتن کان وانجهيل آهي. عوام جي حالت ڏسجي ٿي ته روئڻ ٿو اچي ۽ ڏک ٿو ٿئي تازو، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، ملڪ ۾ مهانگائي جي گھٽتائي وارين حڪومتي دعوائن کي ٺڳي جو ٺاهه ۽ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر قرار ڏنو آهي. هن چيو ته حڪومت اگھن ۾ واڌ ڪري مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه حڪومت جي ڄاڻايل دعويٰ کي ڪير به مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. ڪيترائي ماڻهو انهن دعوائن تي تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ آڱريون کڻي رهيا آهن. اهو عام فهم آهي ته حڪومت جون دعوائون اصل حقيقتن جي ابتڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جنهن ڪري گذارش ٿي ڪجي ته، عوام جا مسئلا في الفور حل ڪيا وڃن. خاص ڪري مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگھي. حڪمرانن کي به سچ ڳالهائڻ گھرجي ۽ عوام کي حقيقتن کان آگاهي ڏيڻ گھرجي ڪابه حقيقت لڪائڻ سان ملڪ و قوم کي ڪهڙو فائدو ملي سگھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.