ڪراچي (رپورٽر ) مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري ۽ وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڪستان دشمنن جو اوزار بڻجي چڪي آهي، تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سنڌ جي هڪ مضبوط جماعت آهي، ماضي ۾ عدم تحفظ جو سبب رياست جي ٿنڀن ۾ ڪرپشن هئي، هر ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪو به ڪنهن جون ڄنگهون نه ڇڪي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن ذريعي نوجوانن ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ قومپرستي کي هٿي ڏني پئي وڃي ۽ لسانيات جي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.