ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران دهشتگري ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ حڪومت تي زور ڀريو آهي ته اها اينٽي ٽيررازم ايڪٽ ترميمي بل 2024ع جي منظوري کي روڪيو وڃي، ان ايڪٽ کي عالمي انساني  حقن جي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي، ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڏکڻ ايشيا لاءِ ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر بابو رمپانت وفاقي قانون واري وزير نذير تارڙ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ”جيڪڏهن اهو بل پاس ٿيو ته ان تحت پاڪستان جي سمورن هٿياربند فوجن کي وسيع ۽ صوابديدي اختيار ڏنا ويندا ڪنهن به شخص کي 3 مهينن تائين حفاظتي حراست ۾ رکي سگهجي ٿو، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته”ايمنسٽي انٽرنيشنل اڳ ۾ ئي نشاندهي ڪئي آهي ته قانون ۾ بنيادي خاميون آهن، جيڪي اڳ ۾ فرسٽ ۽ فورٿ شيڊول تحت پرامن عوامي تحريڪن تي پابندي لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.