پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبو سڙي رهيو آهي ۽ هي هر هفتي يا ڏهن ڏينهن کانپوءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪندي مرڪز تي حملا ڪندا آهن، ڪرم ۾ صورتحال انتهائي ناخوشگوار هئي، اسان ڪوهاٽ ۾ جرڳي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، صوبائي ڪابينا ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪڏهن به ڳالهه نه ڪئي وئي، جيڪي سياسي پارٽيون وزيراعليٰ هائوس وڃڻ لاءِ تيار نه آهن اهي به اسان سان گڏ آهن، هن چيو ته اسان ڪوهاٽ ويا هئاسين پر وڏو وزير اسان سان گڏ نه هليو اي پي سي سڏائڻ آئيني معاملو ناهي ان ڪري ڪو به سڏ ڪري سگهي ٿو، ڪرم معاملي تي اڄ اي پي سي ٿيندي، 16 پارٽين شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي، پرويز خٽڪ ۽ انجنيئر شوڪت کي به دعوت ڏني آهي، ٻي پاسي خيبر پختونخواهه حڪومت پاراچنار ۾ هيلي ڪاپٽر ذريعي دوائون پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، هوڏانهن امن قائم ڪرڻ لاءِ 125 رڪني جرڳو ڪرم پهچي ڌرين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون جنهن دوران پوليس نفري وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ آءِ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ گورنر ڪي پي پاران گهرايل اي پي سي ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم موجب گورنر پاران گهرايل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو پرامن شهرين جي قتل عام ۽ سياسي انتقام لاءِ قاتلن جي ملي ڀڳت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي حڪومتي ايجنڊا تي سرگرم حامي آهي، جنهن بلوچستان اسيمبلي مان پابندي جي قرارداد جي منظوري ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.