روس سان پيٽرول بابت ڪا ڊيل ناهي ٿي: مصدق ملڪ

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ روس سان تيل واري معاهدي بابت خبرون رد ڪندي چيو آهي ته ماسڪو  سان اهڙي ڪا به ڊيل ناهي ٿي رهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصديق ملڪ جو چوڻ هو ته روس سان ڪچي تيل بابت معاهدي جون خبرون غلط آهن، روس سان ڪنهن اهڙي نتيجي تي ناهيون پهتا، ماسڪو ڪچي تيل واري معاملي تي ڪا به ڊيل ناهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته روس کان ڪچي تيل جو ڪو به ڪارگو ناهيون خريدي رهيا، اهڙو فريم ورڪ جوڙي رهيا آهيون جنهن ذريعي صارف کي سستو تيل ملي. پيٽروليم واري وزير چيو ته پاڪستان 5 ايل اين جي ڪارگوز ۾ دير ڪئي آهي، وڌيڪ 5 ايل اين جي ڪارگوز جي دير تي غور هيٺ آهي.  پاور پلانٽس ايل اين جي نه خريد ڪري رهيا آهن ان ڪري گئس ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.  پرائيويٽ سيڪٽر امپورٽ گيس جي مهانگي قيمت سبب ايل اين جي نه خريد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سياري لاءِ گئس پلان ڪجهه ڏينهن ۾ تيار ٿي ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.