ڪانٽريڪٽ مقررين بابت مخالف ڌر جا الزام بي بنياد آهن:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ سرڪار يونيورسٽين ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقررين بابت مخالف ڌر جي الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو سنڌ جي سينئر وزير  ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا الزام زميني حقيقتن جي ابتڙ آھن، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي  پنھنجن ايجنڊائن لاءِ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪانٽريڪٽ تي مقررين جو نفاذ ڪا دخل اندازي ناھي، اُن جو مقصد طريقيڪار تي عمل ڪرائڻ آھي، عوام کي گمراھھ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ھن چيو تھ حڪومتي قدمن جو مقصد شفافيت ۽  احتساب کي يقيني بڻائيندي تعليم واري شعبي ۾ انتھائي ضروري سُڌارا ڪرڻ آھي، ھن چيو تھ ايم ڊي ڪيٽ جي حوالي سان سخت قدم کنيا ويا آھن، سنڌ سرڪار يونيورسٽين جي خودمختياري کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.