ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ لائر فورم طرفان سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کان گورنر هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي درياهه مٿان ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري اڳواڻي ڪندڙ عاقب راڄپر، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ، صداقت ميمڻ، ضيا اعواڻ،منير مگسي،رشيد راڄڙ ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال سنڌ جون زمينون تباھ ٿي وينديون،سنڌو درياهه مٿان ڪنهن به قسم جو ڪئنال نامنظور آهي، سنڌو مٿان ڌاڙو ڪنهن به ريت قبول ناهي چاهي اهو ڪئنالن جي صورت ۾ هجي يا ڊيمن جي صورت ۾ هجي، هنن چيو ته اڳ ئي سنڌو درياهه ۾ پاڻي کوٽ آهي، بدين ٺٽي ۽ ٻين ضلعن جا آبادگار پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪن ٿا، جڏهن اسان وٽ زراعت نه ٿيندي ته اسين تباھ ٿي وينداسين، اگر ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ سخت رد عمل ڏيندي ڊيلٽا ختم ٿيڻ سبب سمنڊ زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي،