سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ جو ڌرڻو

ٺل ( ن ع آ ) قومي عوامي تحريڪ ضلعي جيڪب آباد پاران ٺل شهر ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي  تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو ۽ مرڪزي سينئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي سڪائڻ جو منصوبو آهي،  جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به قبول نه ڪندا،  گرين پاڪستان جي نالي ۾سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌو درياھه سنڌ جو ساهھ آھي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌو درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ مڪمل بنجر ٿي ويندي. ملڪ جي ترقي ناهي سنڌ تباھه نه ڪيو وڃي. مظھر راھوجي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،  گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌو درياھه تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڀڙڀانگ آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي آيو آھي،  ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي چيو ته سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھه کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.