سکر ۾ ڪارنهن تڪرار تان نوجوان قتل ، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)  دبر ۾ ڪارنهن جي تڪرار سبب  واقعو پيش آيو اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات سولنگي برادري جي ٽن  هٿياربند ماڻهن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي،جنهن سبب نادر جاگيراڻي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو پراڃان تائين ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو مقتول نادر جاگيراڻي ڳوٺ باگو خان جاگيراڻي جو رهواسي هو ۽ ٻه سال اڳ ڪرن سولنگي سان پسند جي شادي ڪئي هئي،جنهن بعد ٻنهي خاندانن ۾ تڪرار جاري هو مقتول جي ويجهي مائٽ محمد حسن جاگيراڻي ٻڌايو ته سولنگي برادري پاران نادر کي بار بار قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ۽ آخرڪار ٽن هٿياربند ماڻهن نادر کي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيوواقعي کانپوءِ جاگيراڻي برادري ۾ سوڳ جي لهرڇانيل آهي جڏهن ته سولنگي برادري جوابي حملي جي ڊپ کان پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.