بلاول جي فضل الرحمان سان ملاقات، مولانا مدرسن واري بل تي صحيح نه ٿيڻ تي شڪايتون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مدرسن جي بل واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان جي ڪاوڙ ختم ڪرڻ ۽ کيس پرچائڻ لاءِ جي يو آءِ سربراهه جي رهائش گاهه پهتو. ميڊيا رپورٽس موجب، ملاقات ۾ اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه مدرسا رجسٽريشن ايڪٽ تي صدر جي صحيح نه ٿيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال  تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مولانا فضل الرحمان صدر پاران مدرسن جي رجسٽريشن بل تي صحيح نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن بل جي ٻنهي ايوانن مان منظوري باوجود صدر طرفان دستخط ڇو نه ڪيا ويا؟  ان تي بلاول ڀٽو زرداري يقين ڏياريو ته جيڪڏهن مدرسي جي رجسٽريشن بل تي صحيح نه ڪئي وئي ته هو حڪومت سان ڳالهائيندو.  ملاقات ۾ جي يو آءِ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، حاجي غلام علي، مولانا لفط الرحمان، مولانا اسعد محمود جڏهن ته پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا شرڪت ڪئي. ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته صدر پاڪستان مدرسن جي رجسٽريشن بل تي صحيح ڇو نه ٿو ڪري. پنهنجي هڪ بيان ۾ جي يو آءِ سربراهه چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن بل کي 26هين آئيني ترميمي بل جي حصي طور ايوان صدر  ۾ ٽنگيو ويو آهي. هن چيو ته پ پ ۽ بلاول ڀٽو ان وقت تائين گڏ هئا، جيستائين ٻنهي ايوانن مان ٺهراءُ پاس نه ٿيو. پوءِ ان ۾ رنڊڪ  ڪهڙي آهي، ڪير آهي ۽ ڇو؟ ڇا ايوان صدر   پارليامينٽ کان بالاتر آهي جيڪو مدرسا بل ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.