سوشل ميڊيا وسيلي رياست تي حملا عالمي راند جو حصو آهن:عسڪري ذريعا

راولپنڊي(عمران شفقت)آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت ۾ پاڪ فوج جي ڪانفرنس ٿي،اها ڪانفرنس 27 ۽ 28 نومبر تي گهرائي وئي،24نومبر تي پي ٽي آءِ احتجاج جي تناظر ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس  ۾ ڊي جي ايم او،فارين ڊيسڪ،آءِ ايس آءِ، ملٽري انٽيليجنس پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي،پي ٽي آءِ کي افراتفري پکيڙيندڙ ايجنٽ ڪوٺيو ويو، ملڪ ۾ جاري بحران تي غور ويچار بعد چيو ويو ته اها عالمي راند آهي،ملڪ ۾ ڏڦيڙ مڙهيو پيو وڃي پر هن ڀيري به پاڪستان ان مان بچي نڪرندو،پي ٽي آءِ جي اوٽ ۾ ملڪ ۾ غيرملڪي ايجنڊا تي ڪم هلي رهيو آهي،سرحدن جي صورتحال ۽ عزم استحڪام آپريشن تي غورويچار ڪيو ويو،ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق هو ته سوشل ميڊيا ذريعي رياست تي حملو عالمي ايجنڊا  جو حصو آهي،اهو جنرل عاصم منير يا ڪنهن جج جو معاملو ناهي،فردن ذريعي رياست کي نشانو بڻايو پيو وڃي،ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ذريعن مطابق آرمي چيف رٽائرڊ فوجي آفيسرن(ويٽرنرز) جو حوالي ڏيندي چيو ته اسان تي جيڪو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ”هي ڇا پيا ڪريو،هو ڇا پيا ڪريو؟“فوج ڪا سياسي پارٽي ناهي،اسان کي مقبول فيصلا ناهن ڪرڻا،هن ڪمانڊرن ۽ آفيسرن کي چيو ته اسان کي مقبول فيصلن پٺيان ناهي ڀڄڻو،نه ئي مقبول فيصلن جي دٻاءُ ۾ اچڻو آهي،اسان کي اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي پاڪستان لاءِ درست آهن،جيستائين اسان پنهنجي عهدن تي آهيون پاڪستان لاءِ خدمت ڪرڻي آهي،ذريعن مطابق ڪراچي ۾ تازو آئيڊياز ڪانفرنس جي موقعي تي چئن رٽائرڊ جنرلن سان ملاقات ۾ آرمي چيف واضح ڪيو ته هي پاڪستان جي نئين فوج آهي،مان انهن سان ڪم ڪري رهيو آهيان،منهنجو تجربو مختلف آهي،فوج جي بقا پاڪستان جي بقا ۾ آهي،

لاھور (عمران شفقت)عجب جھڙي ڳالهھ آھي تھ ھن وقت ملڪ اندر ڪنھن بھ مسئلي جو پيرو کڻجي تھ ڪنڊ تي پي ٽي آئي بيٺل  نظر اچي ٿي پوءِ اھو معاشي مسئلو ھجي، امن جو مسئلو ھجي، قوميت جو مسئلو ھجي يا عدالتي معاملو ھجي ھر ڪنھن اڳيان پي ٽي آئي موجود نظر اچي ٿي.ھن وقت عمران خان دعويٰ ڪري ٿو ته هن وٽ آخري ترپ جو پتو موجود آهي. سو آخري ڪارڊ ڪھڙو آھي ڇا سسٽم جي اندران ڪو ھن جي مدد ڪري رھيو آھي فيصل واوڊا ڪنھن جي چرچ تي عمران کي بچائڻ لاءِ ميدان تي آھي؟ جڏھن تھ پاڪستان جي فوج ڪمپرومائز ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.ھن وقت پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ  تھ پي ٽي آئي سان ٽڪرائي رھي آھي پر سياسي طور تي اھڙو زور نظر نھ ٿو اچي جيڪو اچڻ گھرجي ان جو ڪارڻ اھو بھ آھي تھ نوازشريف فوج کي چيو ھيو تھ ھي توھان جو آندل تحفو آھي ھن گند کي سھيڙڻ بھ توھان جي ذميواري آھي اسان جو ان سان ڪجهھ نھ وڃي. ٻنھي سياسي اڳواڻن جي ڪري فوج ٻيھر سياست ۾ وڌيڪ انگيج ٿي وئي آھي .ھن وقت فوج چاھي ٿي تھ  جنرل فيض سان عمران جو فوجي ٽرائل نھ ٿئي پر عمران جون حرڪتون ان معاملي کي بگاڙي رھيون آھن.لڳي ائين ٿو تھ فيصل واوڊا وسيلي ڪو دروازو کوليو پيو وڃي عمران خان کي بچائڻ واسطي پر  مٿانھين سطح تي اسٽيبلشمنٽ اندر  اھڙي ڪا بھ سوچ ناھي تھ سرينڊر ڪجي يا افھام و تفھيم ڪجي.اگر عمران ضد تي رھيو تھ پوءِ ان لاءِ معاملو فوجي عدالت تائين ويندوجڊيشل ڪائونسل جي 13 ميمبرن مان عمران خان کي لڳي ٿو تھ منصور علي شاھ ڪا نھ ڪا راند ڪندو يحي آفريدي کي بھ ان پاسي آڻي سگھي ٿو، ان جي ڪري کيس ٿوري اميد آھي تھ متان ڪا راند ٿي وڃي ۽ اسان جا نمبر وڌي وڃن.جيڪڏھن عمران جو اھو آخري ترپ جو پتو آھي تھ اڳيان بھ ظاھر آھي تھ تياريون ڪندا ھوندا ۽ سڀني تي نظر رکنداھوندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.