مراد سعيد جي ڪي پي ۾ موجودگي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ چيلينج

اسلام آباد (منيب فاروق) ڪافي عرصو پس منظر ۾ رھڻ بعد مراد سعيد جون پشاور ۾ موجودگي جون خبرون آھن ھن وقت مراد سعيد جي رابطي ۾ بشريٰ بي بي ، مشعال يوسفزئي ۽ علي امين گنڊاپور آھن.اھا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ ھڪ مذاق جوڳي ڳالهه سمجھي پئي وڃي تھ ھڪ گھربل ماڻھو ڪي پي ڪي ۾ موجود آھي پر ان کي گرفتار نھ پيو ڪيو وڃي. ٿي سگھي ٿو تھ خطرو محسوس ڪندي وري روپوش ٿي وڃي. 24 نومبر واقعي بعد بيرسٽر گوھر ڪوشش ڪئي تھ معاملا بھتر ٿين پر لطيف کوسو 278 لاشن واري انگ تي بيٺل آھي  حڪومت وري چوي ٿي تھ ڪو بھ لاش ناھي اھي ٻئي ڌريون غلط آھن پر حڪومت کي بطور حڪومت ڳالھيون چٽيون ڪرڻيون پونديون تھ ڪيترا ماڻھو مارجي ويا ڪيترا زخمي ٿيا ٻئي پاسي اچڪزئي چوي ٿو تھ مئل عمران زندھ عمران کان وڌيڪ خطرناڪ ھوندو پرڪو اھڙو بيوقوف نھ ھوندو جو اھڙو قدم کڻي ۽ عمران کي نقصان رسائي  ٻئي پاسي اڳوڻن فوجين پاران ڳالھين واريون ڪوششون موجودھ حالتن جو ادراڪ نھ رکڻ جي ڪري ناڪام ٿيون آھن انھن اڳوڻن فوجين کي ھن وقت جي حالتن جي پوري سڌ ناھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 05 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.