ميٺا رام شايد تعليمي مقصد لاءِ هاسٽل ٺاهي هئي،هاڻ سندس روح ڇا سوچيندو هوندو؟: جسٽس صلاح الدين

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اوقاف کاتي کان رينجرز پاران استعمال ڪيل ميٺا رام هاسٽل بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گم ٿيل شهري ڪامران جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته رينجرز جي حراست ۾ ماڻهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟، رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ حڪومت ميٺا رام هاسٽل کي سب جيل قرار ڏنو هو، جوابدارن کي اتي رکيو ويندو آهي.جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ميٺا رام شايد تعليمي مقصد لاءِ هاسٽل ٺاهي هئي، هاڻي ميٺا رام جو روح ڇا سوچيندو هوندو؟ تعليمي مقصدن لاءِ تعمير ٿيل عمارت کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي.رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته اسان عمارت کي تمام سٺي ۽ اصل حالت ۾ رکيو آهي.جسٽس صلاح الدين چيو ته جيڪڏهن هي عمارت حڪومت کي ڏينداسين ته هو وڪرو ڪري ڇڏيندا، ان تي رينجرز پراسيڪيوٽر چيو ته هو وڪرو نٿا ڪري سگهن، پنهنجي پسند جي ماڻهن کي ڏيندا .جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.