جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن کي فعال نه ڪيو ويو ته وائيٽ پيپر جاري ٿيندو\ پاڪستان جرنلسٽ سيفٽي ڪواليشن

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان جرنلسٽ سيفٽي ڪواليشن فيڊرل چيپٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هڪ مهيني اندر جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن کي فعال نه ڪيو ته شهيد صحافين کي  انصاف ڏيارڻ ۽ انهن جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ دير جي حوالي سان وائيٽ پيپر جاري ڪيو ويندو،ان ڳالهه جو فيصلو اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ سينيٽر فرحت الله بابر، پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ کان علاوه ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي،پي جي ايس سي صحافين جي تحفظ بابت وفاقي ۽ سنڌ ڪميشن کي فعال بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني آهي،وفاقي شاخ جي صدر حامد مير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جي تحفظ بابت وفاقي قانون جي منظوري کي ٽي سال ٿي چڪا آهن پر وزيراعظم شهبازشريف جي حڪومت صحافين خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڪميشن کي نوٽيفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ايندڙ اڌر ميڊيا پريڪٽيشنرز جي ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪميشن جي نئين چيئرپرسن جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ مون کي اڄ صبح ٻڌايو ته صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ نئين چيئرپرسن جي نامزدگي جي منظوري ڏني ويندي، فريڊم نيٽ ورڪ جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اقبال خٽڪ ٻڌايو ته سنڌ کانپوءِ اسلام آباد ٻيو خطرناڪ شهر آهي جتي گذريل هڪ سال دوران صحافين خلاف سڀ کان وڌيڪ ڌمڪين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن،افضل بٽ چيو ته صحافين خلاف ڏوهن جي روڪٿام بابت وفاقي ڪميشن جي معاملي کي حڪومتي سطح تي گرمجوشي باوجود سردخاني ۾ رکيو پيو وڃي،رڳو مطالبن سان ائين نه ٿي سگهندو، حڪومت کي پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ تي مجبور ڪرڻو پوندو،اجلاس ۾ ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن بڻائڻ ۽مطيع الله جان خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر جي جاچ جو به مطالبو ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.