ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ نصير پسيو ۾ شادي تقريب دوران ڊانس پارٽي ۾ فائرنگ جو کاڄ بڻجي مارجي ويل بازار حسن حيدرآباد جي ناچڻي مھندي راجپوت قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن مان ٽنڊوڄام پوليس گھوٽ جمال پسيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن کي سول ڪورٽ نمبر ست جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنھن جو ڪورٽ سڳوري ٽن ڏينھن جو ريمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي واضح رھي ته29 نومبر تي ڳوٺ نصير پسيو ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ جو کاڄ بڻيل ناچڻي مھندي راجپوت فوت ٿي ھئي ۽ ٽنڊوڄام پوليس ٽن ڏينھن تائين معاملي کي لڪائي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي پر معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ناچڻي مھندي راجپوت جي پيءَ ارشد راجپوت جي فرياد تي 1 ڊسمبر تي گھوٽ سميت پنج ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو، جڏھن ته پوليس اڃان تائين ڪيس جي مک جوابدار ظفر ناھيون ۽ گھوٽ جي ڀاءُ جلال پسيو کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي. ٻئي طرف ٽنڊوڄام جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو ته ٽن ڏينھن تائين واقعي کي لڪائيندڙ پوليس عملدارن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي.