ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مهيش ڪمار جي مائٽ انجنيئر راهول ڪمار کي پنهنجي فليٽ گلستان جوهر ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي گهر ڪئي آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ رهزنن ڌاڙيلن ۽ قاتلن حوالي ٿيل آهي، ڪراچي جهڙي شهر ۾ شڪارپور واسي انجنئير راهول جو قتل حڪومتي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.، هوڏانهن سينئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا پڻ روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مهيش ڪمار کي فون ڪري واقعي تي افسوس جو اظهار ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري ڏکويل خاندان کي انصاف ڏين جي گهر ڪئي آهي.