ڪراچي(رپورٽر)جناح اسپتال ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ملازمن وچ ۾ انتظامي معاملن تي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي،اڳوڻي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول پنهنجي ڊيپوٽيشن تي مقرري خلاف عدالتي فيصلي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مون کي اڃا تائين معطلي جو سرڪاري ليٽر ناهي مليو، پر مان ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو ارادو نٿو رکان،هن چيو ته مون خلاف عدالت ويندڙ ڊاڪٽرن کي مون پاڻ ترقيون ڏياريون،نيورو سرجري ۾ جنوري کان جون 2024ع تائين 523 فوتگيون ٿيون،مان مريضن جي بهتري لاءِ جلد آپريشن جو چوان ٿو ته منهنجي ڳالهه نظرانداز ڪئي وڃي ٿي،هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن منهنجي مقرري غيرقانوني آهي ته ڇا 2021ع کان ٿيندڙ سموريون ڀرتيون به غيرقانوني قرار ڏنيون وينديون؟ اسپتال کي 8 ماڻهن يرغمال بڻائي رکيو آهي، ٻئي پاسي ڊاڪٽرن جي تنظيمن پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول جي ڊيپوٽيشن تي مقرري معطل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان موقعي تي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر عمر سلطان ۽ ٻين چيو تھ جناح اسپتال معاهدي تحت سنڌ صوبي جو حصو بڻجي وئي آھي، پر هتي درجنين پوسٽون خالي آهن، ڪجهه عنصر ذاتي فائدي لاءِ اسپتالن جي نظام کي درهم برهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسپتال جي گائناڪالاجي جي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر نگهت شاهه چيو ته آفيسرن کي انتظامي عهدن تان هٽائڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا،