ڪراچي(م ڊ)ڪراچي پوليس جي سربراهه جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڊمپر آڏو هلندا ته مرندئو،ڪنهن چيو آهي ته ڊمپر ڏسي نه هٽو،عوام کي ڊرائيونگ جي ايتري ته سمجهه هئڻ گهرجي،عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ ڪراچي پوليس جي سربراهه عوام کي پنهنجي زندگي پاڻ بچائڻ جو طريقو ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن ڊمپر هلي رهيو آهي ته ننڍيون گاڏيون ان جي آڏو ڇو هلن ٿيون، هن جو چوڻ هو ته هاڻي اسان کي ڪراچي جي ماڻهن کي گاڏي هلائڻ جو به ٻڌائڻو پوندو، ٽريفڪ حادثا لاهور ۾ وڌيڪ ٿين ٿا، فرق اهو آهي ته رپورٽ ڪراچي جا وڌيڪ ٿين ٿا، آج نيوز موجب سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڊمپر هلائڻ جو وقت ته پهرين به مقرر هو،ڏينهن جي وقت ۾ ڊمپر ڇو ٿا هلن، انهن ڊمپرن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ٿئي؟ ڇا ٽريفڪ پوليس جا ڪاذميوار ي ناهي؟ ڪجهه ڏوڪڙن عيوض عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندڙن کي ڪير اچي روڪيندو؟ جڏهن ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال ٽريفڪ حادثن ۾ 700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون،لاهور ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 288 ماڻهو فوت ٿيا، گذريل سال 392 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا،