سنڌ حڪومت پاران اين جي اوز جي مدد سان 3 هزار اسڪول کولڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ حڪومت غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) جي سهڪار سان صوبي ۾ 3 هزار پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شروعاتي طور تي 5 ضلعن ۾ اسڪول کوليا ويندا، انهن ضلعن ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ڪشمور ۽ جيڪب آباد شامل آهن.سنڌ ۾ کولڻ وارا اسڪول ”ان فارمل لٽريسي ايجوڪيشن پروجيڪٽ“ تحت ٽئين پارٽي جي مدد سان هلايا ويندا.اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۽ غير سرڪاري تنظيمن وچ ۾ معاهدو ٿيندو جيڪي اسڪول هلائڻ چاهين ٿيون، اين جي اوز اسڪول جي بلڊنگ سان گڏ ڪتاب ۽ يونيفارم فراهم ڪنديون ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتو اسڪول جي مالي مدد ڪندو. ان سلسلي ۾ سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس 9 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.

  1. شهريار شر تي حملي وارو مامرو، جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا، ٻڌڻي ملتوي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ)  اڳوڻي ايم پي اي سردار شھريار خان شر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي ۽ سندس قتل ٿي ويل ساٿي علي  محمد شر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي انت واري عدالت ميرپورماٿيلو ۾ ٿي گذري سيڪورٽي خدشن سبب جوابدار ايس ايڇ او شڪور لاکو ۽ ڪچي ضمانت تي آزاد جوابدار احمد سيلرو پيش نه ٿي سگھيا جنھن بعد وڪيل جي استدعا تي ايندڙ ٻڌڻي يارنھن ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ جوابدار ڌر جي وڪيل چيو ته جوابدارن جي ضمانت جي درخواست هئي هن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ليٽر لکيو آهي ته سڪيورٽي گهٽ آهي جنهن ڪري گرفتار جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او رونتي کي عدالت ۾ پيش نه ٿا ڪري سگهون ۽ جوابدار احمد خان سيلرو به ان ڪري پيش نه ٿيو آهي ان ڪري عدالت پاران حاضري 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

  1. پاپوليشن کاتي ۾ نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن: پيرل دايو

ڪراچي (رپورٽر ) آپڪا پاپوليشن سنڌ کاتو جي صدر محمد پيرل دايو ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته بهبود آباديءَ جون نوڪريون ڊپٽي ڪمشنر ۽ آئي بي اي ۽ وزيرن جي ڪميٽي جوڙي انهن وسيلي  ڏنيون وڃن ۽ سياسي بنياد تي نوڪريون ورهائڻ جو منصوبو ختم ڪيو وڃي ، هن چيو ته سرڪاري نوڪريون ڏيڻ بهاني بي روزگار نوجوانن کان پئسا ورتا پيا وڃن، جنهن سبب ميرٽ جو قتل ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  پاپوليشن کاتي ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري فوري ترقي ڪري انهن کي ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. حڪومت پاران ملازمن جا گريڊ وڌايا وڃن.

  1. جيل ۾ ٽي وي آهي، ڪيبل ڏني وڃي : عذير بلوچ جي عدالت کي درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري آپريشن دوران پوليس تي حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران لياري گينگ وار جي عزير بلوچ عدالت ۾ انوکي درخواست ڪئي. عزير بلوچ چيو ته مون وٽ جيل ۾ ٽي وي موجود آهي پر ڪيبل ناهي، هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ جيل ۾ اچو ۽ ڏسو ته مون سان ڪيترو ظلم ٿي رهيو آهي. پوليس موجب 2012 ۾ لياري آپريشن دوران پوليس تي حملا ٿيا هئا، ان سلسلي ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف کھارادر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عزير بلوچ پنهنجي وڪيل فاروق حيدر جتوئي ايڊووڪيٽ ذريعي جيل ۾ سهولتن جي فراهمي بابت لکت ۾ درخواست داخل ڪئي. عدالت عزير بلوچ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ جيل ۾ ٽي وي آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيليويزن ته فراهم ڪيو ويو آهي پر ڪيبل نه ڏني وئي آهي، نه مان نيوز چينل ڏسي سگهان ٿو ۽ نه ئي ڪو تفريحي پروگرام ڏسي سگهان ٿو. عزير بلوچ عدالت کي ٻڌايو ته مون کي جمعي جي نماز تائين مسجد ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ناهي، عدالت عزير بلوچ جي درخواست تي سب جيل انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪندي 24 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.