ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع رمپا پلازه ۾ باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ جون 9 گاڏيون ۽ اسنارڪل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاء ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد باھ کي ڪنٽرول ڪري ورتو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته چوٿين فلور تي لڳل باهه ٻين منزلن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ھو ۽ عمارت ۾ لڳل باھ جا شعلا عمارت جي ٻاهران نظر اچي رهيا هئا، جنهن بعد فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون طلب ڪيون ويون سي اي او واٽر ڪارپوريشن نيپا هائيڊرينٽ تي ايمرجنسي جو اعلان ڪري ڇڏيو وڏي وزير مراد علي شاهه رمپا پلازه ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ عمارت ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ ايس بي سي اي سميت لاڳاپيل ادارا عمارتن جو معائنو ڪن.